دوحه- 06 ڊسمبر (اي پي پي) نار سهڪار ڪائونسل (جي سي سي) جي اڳواڻن اسرائيل طرفان غزه ۾ عالمي قانونن جي کليل خلاف ورزي جي مذمت ڪئي آهي، سربراهن خطي کي درپيش مسئلن جو جائزو وٺندي چيو ته جنگ بندي نه ڪئي وئي ته پوري خطي تي ان جا سنگين اثر پئجي سگهن ??ا. العريبيه نيوز موجب دوح?? ۾ ??يل جي سي سي جي 44 هين سربراهه ڪانفرنس جي پڄاڻي تي تي جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته غزه ۾ اسرائيل جي قدمن سان نه رڳو عالمي قانونن پر عالمي انساني قانونن جي به کليل خلاف ورزي آهي، جي سي سي ملڪ غز?? ۾ ??نهنجي فلسطيني ڀائرن سان گڏ آهن. ڪانفرنس ۾ سعودي عرب جي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان ۽ ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان به خصوصي دعوت تي شرڪت ڪئي. پڌرائي موجب 6 ملڪي ڪائونسل جي ميمبرن اسرائيل جي غزه ۾ جاري فوجي ڪارروائي جي مذمت ڪئي جنهن سبب نه رڳو عام شهري بي گهر ٿيا پر سويلين انفراسٽرڪچر سميت رهائشي عمارتون، اسڪول، اسپتال ۽ عبادتگاهو?? تباهه ٿيون. ميمبرن طرفان اسرائيل جي فلسطيني عوام خلاف کليل جارحيت تي خدشن جو اظ??ار ڪيو ويو ۽ عزه ۾ جاري جنگ جي پکڙجڻ جي خطرن کان خبردار ڪندي چيو ويو ته غزه جي رهواسين جي مسئلن کي حل ڪيو وڃي. پڌرائي ۾ غز?? ۾ ??وري طور تي انساني همدردي جي بنيادن تي ٻيهر جنگ بندي جو مطالبو ڪيو ويو.
غزه تي اسرائيلي جارحيت مذمت جوڳي، جنگ بندي نه ڪئي وئي ته پوري خطي تي ان جا سنگين اثر پئجي سگهن ٿا: نار تعاون ڪائونسل
مضمون کا ماخذ : پریمیوس لوٹومینیا