گڏيل قومون-14 ڊسمبر (اي پي پي)گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيوگو??ري?? دبئي ۾ ٿيل ماحولياتي ڪانفرنس ڪوپ -28 جي نتيجن جي محتاط انداز ۾ آجيان ڪئي آهي. ڪوپ – 28 جي موقع?? تي تقريبن 200 ملڪن فوسيل فيول کان ٻارڻ جي ٻين ذري??ن طرف منتقلي جي روڊ ميپ جي منظوري ڏني آهي. سيڪريٽري جنرل پنهنجي رد عمل ۾ چيو ته ماحولياتي تبديلين جي ڏس ۾ دنيا جي مڃيل حصيدارن جو تذڪرو ڪيترن ئي سالن کانپوءِ آيو آهي، هن چيو ته فوسل فيول جو دور هاڻي ختم ٿيڻ گهرجي ۽ ان جي آجيان انصاف ۽ برابري سان ٿيڻ گهرجي، هن چيو ته فوسل فيول جي استعمال کي مرحليوار ختم ڪرڻ جي مخالفت ڪندڙن کي مخاطب ٿيندي چيو ته فوسل فيول فيز آٽ اڻٽر آهي چاهي اهو ان کي پسند ڪن يا نه ڪن، ۽ اسان کي اميد آهي ته ان ۾ وڌيڪ دير نه لڳندي. سيڪريٽري جنرل چيو ته عالمي گرمي پد ۾ سراسري اضافي کي 1.5 ڊگري سينٽي گريڊ تائين محدود رکڻ، جيڪو 2015ع جي پيرس جي معاهدي ۾ طئي ٿيل هدفن مان هڪ آهي، فوسل فيول جي مرحليوار خاتمي کانسواءِ ناممڪن هوندو ۽ ان حقيقت کي تسليم ڪندڙ ملڪن جي انگ ۾ اضافو ٿي رهيو آهي. جيتوڻيڪ ڪوپ -28 جي موقع?? تي 2030ع تائين قابل تجديد ذريعن جي صلاحيت کي ٽيڻو ڪرڻ ۽ توانائي جي ڪارڪردگي کي ٻيڻو ڪرڻ جي واعدن تي به اتفاق ڪيو ويو ۽ ماحولياتي تحفظ جي قدمن کي اختيار ڪرڻ ۽ ان سلسلي ۾ فنڊن جي فراهمي جي حوالي سان اڳڀرائي به ٿي تنهن هوندي به فنڊن جي فراهمي جا واعدا ناڪافي آهن.
گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل پاران ڪوپ – 28 جي نتيجن جي آجيان
مضمون کا ماخذ : امکان ہے کہ میگا سینا