بيجنگ -13 مارچ (اي پي پي) چين چيو آهي، ته آمريڪا کي يوڪرين جن?? ۾ ڪا به دلچسپي ناهي ۽ ان جو ڌيان پنهنجن جاگرافيائي ۽ سياسي مقصدن کي حاصل ڪرڻ تي آهي. چين جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان و??نگ وين بن گذريل هفتي بريفنگ دوران آمريڪي سي آءِ اي جي ڊائريڪٽر وليم برنز جي يوڪرين جي مدد ذريعي ايشيا ۾ چين کي ڪنٽرول ڪرڻ جي حوالي سان پڇيل هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته سن??س رمارڪس مان ظاهر ٿئي ٿو ته آمريڪا کي يوڪرين جي باري ۾ ڪو به فڪر ناهي، هو يوڪرين جي بحران مان فائدو حاصل ڪندي پنهنجي جاگرافيائي ۽ سياسي مقصدن کي حاصل ڪرڻ چاهي ٿو. هن چيو ته يوڪرين جي جن?? ۾ شدت اچي سگهي ٿي ۽ اها ٻين ملڪن تائين ڦهلجي سگهي ٿي. ترجمان چيو ته چين اميد ظاهر ڪري ٿو ته سموريون لاڳاپيل ڌريون سياسي ??مل جو مظاهرو ڪندي ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي، فوري جن?? بندي، اثرائتي ۽ پائيدار يورپي سيڪيورٽي فريم قائم ڪرڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪنديون.
آمريڪا يوڪرين جنگ سان پنهنجي جاگرافيائي ۽ سياسي مقصد حاصل ڪرڻ چاهي ٿو: چين
مضمون کا ماخذ : bolão lotomania