تل ابيب – 05 اپريل (اي پي پي) اسرائيل ڏڪار جي خطري جو شڪا?? غزه ۾ امداد جي فراهمي لاءِ عارضي رستا کولڻ جو اعلان ڪيو آهي. فرانسيسي خابرو اداري اي ايف پي مطابق اسرائيل جمعي تي اعلان ڪيو ت?? ڏڪار جي خطري جو شڪار ات?? غزه ۾ عارضي امداد جي فراهمي جي اجازت ڏيندو. خميس تي آمريڪي صدر جوبائيڊن ا??رائيلي وزيراعظم بينجمن نيتن ياهو کي ٽيليفونڪ رابطي ۾ ٻڌايو ت?? اسرائيل بابت آمريڪي پاليسي غزه ۾ شهرين ۽ امدادي ڪارڪنن جي تحفظ تي ٻڌل آهي، اهو واشنگٽن طرفان ا??رائيل جي فوجي مدد لاءِ امڪاني شرط ڏانهن پهريون ا??ارو هو. ڪجهه ئي ڪلاڪن کانپوءِ اسرائيل اعلان ڪيو ت?? هو غزه لاءِ وڌيڪ امدادي رستا کولي ڇڏيندو. نيتن ياهو جي آفس ٻڌايو ت?? اسرائيل جي وار ڪيبنٽ اشدود پورٽ ۽ ايريز لينڊ ڪراسنگ ذريعي عارضي امداد جي فراهمي جي اجازت ڏني آهي، ان سان گڏو گڏ اردن کان ڪريم شالوم ڪراسنگ تي پڻ فراهمي ۾ اضافو ڪيو ويو. وائٽ هائوس فوري طور انهن قدمن جي آجيان ڪئي ۽ انهن کي صدر جوبائيڊن جي درخواست تي ڪيل قدم قرار ڏنو. وائٽ هائوس چيو ت?? انهن قدمن کي هاڻي مڪمل طور وڌيڪ تيزي سان لاڳو ڪرڻ گهرجي.
اسرائيل طرفان غزه ۾ امداد جي فراهمي لاءِ عارضي رستا کولڻ جو اعلان
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری انعامات