گ??يل قومون-29 آگسٽ (اي پي پي)گ??يل قومن جي فوڊ ايجنسي ورلڊ فوڊ پروگرام (ڊبليو ا??ف پي) چيو آهي ته جنگ سبب تباهه ٿيل غزه ۾ اسرائيلي فوج طرفان ملٽري چيڪ پوائنٽ ويجهو فائرنگ ۾ گاڏي کي نشانو بڻائڻ کانپوءِ پنهنجي عملي جي چرپر کي ٻئي حڪم تائين معطل ڪري رهيا آهيون. ڊبليو ا??ف پي جي ايگزيڪيٽو ڊائريڪٽر سنڊي ميڪ ڪين ڪالهه اٽلي جي گادي واري شهر روم مان جاري هڪ بيان ۾ چيو آهي ته غزه ۾ اسرائيلي فوج جي فائرنگ ۾ اداري جي گاڏي کي نشانو بڻائڻ جو واقعو مڪمل طور تي ناقابل ق??ول آهي جنهن غزه ۾ ڊبليو ا??ف پي جي ٽيم جي زندگين کي خطري ۾ وجهي ڇڏيو آهي. هن اسرائيلي عملدارن ۽ تڪرار جي سمورين ڌرين کان مطالبو ڪيو ته هو غزه ۾ سمورن امدادي ڪارڪنن جي حفاظت ۽ سلامتي کي يقيني بڻائڻ لاءِ فوري طور تي قدم کڻن. ڊبليو ا??ف پي چيو ته حملي ۾ ڪو به زخمي ناهي ٿيو. ڪالهوڪي واقعي مان معلوم ٿئي ٿو ته موجوده ڊي ڪنفليڪشن سسٽم ناڪام ٿي رهيو آهي ۽ اهو وڌيڪ نٿو هلي سگهي. گ??يل قومن جي ورلڊ فوڊ پروگرام جي ٽيم اڱاري جي رات هڪ مشن سان اداري جي ٻن بڪتر بند گاڏين سان غزه ??ي مرڪزي علائقي ۾ امدادي سامان کڻي ويندڙ ٽرڪن جي قافلي کي وٺي واپس اچي رهي هئي ته اسرائيلي فوج گاڏي کي سڌي ريت فائرنگ جو نشانو بڻايو جڏهن ته گاڏي چيڪ پوائنٽ طرف وڌي رهي هئي، وادي غزه پل تي ان چوڪي کان رڳو ڪجهه ميٽر جي فاصلي تي ڊبليو ا??ف پي اطلاع ڏنو ته گاڏي تي گه?? ۾ ??هٽ 10 گوليون فائر ڪيون ويون، گ??يل قومن جي فوڊ ايجنسي چيو ته غزه پهرين ئي نازڪ صورتحال محدود وسيلن ۽ وڌندڙ خطرن سبب وڌي وئي آهي، جنهن سبب فلسطينين کي خوراڪ جي فراهمي گهٽ ٿي رهي آهي. ڊبليو ا??ف پي موجب انساني همدري جا ڪارڪن تيزي سان اسرائيلي فوجي ڪاررواين جي زد ۾ اچي رهيا آهن ۽ کين غزه ۾ زندگي بچائيندڙ امداد پهچائڻ لاءِ ڪيترائي چئلينج درپيش آهن.
گڏيل قومن جي ورلڊ فوڊ پروگرام غزه ۾ امدادي آپريشنز معطل ڪري ڇڏيا
مضمون کا ماخذ : لاٹری ایپ ڈاؤن لوڈ کریں