واشنگٽن- 05 نومبر (اي پي پي) آمريڪا چيو آهي ته ??سر??ئيل کي 30 ڏينهن جي ڏنل مهلت مان 2 هفتا گ??ري وڃڻ باوجود به غزه ۾ ام??اد جي فراهمي جي صورتحال گهڻي حد تائين بهتر ناهي ٿي سگهي . پرڏيهي ميڊيا مطابق آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان ميٿيوملر چيو آهي ته ??سر??ئيل غزه تائين ام??اد جي فراهمي وڌائڻ لاءِ ڪجهه قدم کنيا آهن پر اڃ?? تائين اتي انساني ام??اد جي فراهمي جي صورتحال کي بهتر حد تائين تبديل ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو آهي. آمريڪا غزه ۾ ام??اد جي رسائي لاءِ ??سر??ئيل کي 30 ڏينهن جي مهلت ڏني هئي پر ٻه هفتا گ??رڻ بعد به تل ابيب طرفان خاطر خواه قدم سامهون ناهن آيا. جوبائيڊن انتظاميه هڪ خط ذريعي ??سر??ئيل کي چيو هو ته ان وٽ غزه پٽي ۾ سنگين انساني بحران کي منهن ڏ??ڻ لاءِ 30 ڏينهن جو وقت آهي . خط ۾ مطالبو ڪيو ويو هو ته غزه ۾ روزانو 350 امدادي ٽرڪن کي داخل ٿيڻ جي اجازت ڏني وڃي. امدادي ڪارڪنن ۽ گڏيل قومن جي اهلڪارن جو چوڻ آهي ته غزه ۾ انساني صورتحال اڃ?? تائين ڳڻتي جوڳي آهي. ميٿوملر چيو ته اڄ تائين صورتحال ۾ نمايان تبديلي ناهي آئي. اسان ڪجهه قدم ۽ راهداري جي انگ ۾ اضافو ڏٺو آهي جيڪي کيل آهن . پر جيڪڏهن توهان خط ۾ ڏنل سفارشن کي ڏسندا ته اهي پوريون نه ٿي سگهيون آهن. هن چيو ته هن وقت تائين جا نتيجا ڪجهه بهتر ناهن پر ان ڳالهه تي زور ڀريو ويو ته 30 ڏينهن جي مهلت اڃان ناهي گذري. ياد رهي ته ڄاڻايل خط ۾ نيتن ياهو کي 30 ڏينهن جي مهلت ڏيندي خبردار ڪيو ويو هو ته غزه ۾ پهچايل ام??اد ۾ اضافو نه ڪرڻ جي صورت ۾ ??سر??ئيل کي آمريڪي هٿيارن جو وڪرو بند ڪيو ويندو. يو ايس فارن اسسٽنٽ ايڪٽ 620 آءِ انهن ملڪن کي فوجي ام??اد ڏيڻ کان روڪي ٿو جيڪي آمريڪي انساني ام??اد جي فراهمي ۾ رڪاوٽ آهن.
غزه ۾ امداد جي فراهمي جي صورتحال ۾ گهڻي حد تائين بهتري ناهي آئي: آمريڪا
مضمون کا ماخذ : عظیم البینی