واشنگٽن-06 نومبر (اي پي پي) عالمي خل??ئي اسٽيشن تي رهندڙ خل??ئي تحقيق جي آمريڪي اداري ناسا جي خلابازن آمريڪي صدارتي چونڊ ۾ خلا مان ووٽ ڪاسٽ ڪري تاريخ لِکي ڇڏي. پرڏيهي ميڊيا مطابق خ????ئي مسافر بچ ولمور ٽينيسي ٽيڪ يونيورسٽيءَ ۾ ڳالهائيندي خلا مان ووٽ ڪاسٽ ڪرڻ جي تجربي جو ذڪر ڪيو. واضح رهي ??ه ناسا جا چار خلاباز هن وقت زمين ??ي مدار ۾ موجود عالمي خل??ئي اسٽيشن تي رهندڙ آهن. جن چئني خلابازن پنهنجي ووٽ جو حق استعمال ڪرڻ لاءِ ايبسنٽي بيلٽ جي درخواست ڪئي هئي. اهو قدم خلابازن طرفان خلا ۾ قيام باوجود پنهنجي شهري فرضن جي ادائگيءَ سان وابستگيءَ کي اجاگر ڪري ٿو. خلا مان ووٽنگ ناسا جي نيئر اسپيس نيٽ ورڪ ذريعي ممڪن بڻ??ئي ويندي آهي، جيڪا خل??ئي اسٽيشن ۽ مشن ڪنٽرول وچ ۾ ٻي ڊيٽا جي ڏي وٺ وانگر آءِ ايس ايس کان زمين تي بيلٽ منتقل ڪندي آهي.
مضمون کا ماخذ : فنکی پھل