تھران-25 نومبر (اي پي پي) ايران 29 نومبر تي ٽن يورپي ملڪن سان تڪر??ري ايٽمي پروگرام بابت ڳالھيون ڪندو. پرڏيهي خابرو اد??ري مطابق ايران جي پرڏيھي وزارت جي ترجمان اسماعيل بغائي گڏيل قومن جي ايٽمي نگران اد??ري طرفان ايران خلاف ٺھراءُ منظور ٿيڻ جي ڪجھه ڏينھن کانپوءِ گذريل ڏينھن چيو ته ايران، فرانس، جرمني ۽ برطانيه جا نائب پرڏيھي وزير انهن ڳالھين ۾ حصو وٺندا، جنھن ۾ علائقي جي مسئلن سان گڏو گڏ ايٽمي دستاويزن جو به جائزو ورتو ويندو. ترجمان اھو ناھي ٻڌايو ته ڳالھيون ڪھڙي ھنڌ ٿينديون. ھن چيو ته علائقائي صوتحال بابت ڳالھه ٻولھه ۽ فلسطين، لبنان جي مسئلن ۽ ايٽمي ڳالھين سميت ??يترين ئي ٻين ڳالھين تي خيالن جي ڏئي وٺ ڪئي ويندي. ھن چيو ته اھا ملاقات ايندڙ جمعي تي ٿيڻ جو امڪان آهي. ھن وڌيڪ چيو ته ايران ھميشه کان ان ڳالھه تي يقين رکي ??و ته ايٽمي مسئلن کي سفارتڪ??ري ذريعي حل ڪرڻ گھرجي ?? ايران ان جي ڪري ئي ڳالھيون بند ناهن ڪيون.
ايران 29 نومبر تي ٽن يورپي ملڪن سان تڪراري ايٽمي پروگرام بابت ڳالھيون ڪندو
مضمون کا ماخذ : جیتنے والی لاٹری