زيورخ (سوئٽزرلينڊ) – 16 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز ??ريف عالمي اقتصادي فورم جي 47 هين سالياني اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ سومر ڏينهن هتي پهتو. بيگم ڪلثوم نواز ۽ وزيراعظم جو خصوصي معاون طارق فاطمي پڻ ساڻس گڏ آهن. زيورخ انٽرنيشنل ??يئرپورٽ تي جنيوا ۾ گڏيل قومن مشن ۾ خصوصي نمائندي ۽ سفير تهمينه جنجوعه ۽ سينيئر س??ئس عملدارن سندس آجيان ڪئي. وسيع تر س??اجي هم آهنگي ۽ انساني ترقي جي فروغ جي مقصد لاءِ عالمي اقتصادي فورم 17ک ان 20 جنوري تائين ڊيووس ۾ ٿيندو. وزيراعظم عالمي اقتصادي فورم جي ايگزيڪيوٽو چيئرمين پ??وفيسر ڪلاز ??واب جي دعوت تي اهو دورو ڪري رهيو آهي.
مضمون کا ماخذ : گونزو کی تلاش