اسلام آباد – 13 جنوري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي تاريخ ۽ ادبي ورثي واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته سپريم ڪورٽ ۽ هاءِ ڪورٽ جي دائري جي قبائلي ع??ائقن تائين توسيع تاريخي سنگ ميل آهي، 70 سالن کانپوءِ مسلم ليگ (ن) جي قائد محمد نواز شريف قبائلي ع??ام کي صدين پراڻ?? سامراجي نظام کان ڇوٽڪارو ڏياريو، فاٽا جي ع??ام جي ملڪ جي آئيني ۽ سياسي نظام ۾ شموليت انهن جي حقن ج?? تحفظ کي يقيني بڻائيندي، پوري پاڪستان جي ترقي خوشحالي ۽ مضبوطي مسلم ليگ (ن) جي حڪومت جي فخر جوڳي رو??يت آهي، سموريون رڪاوٽون پار ڪري پاڪستان کي مستحڪم ۽ عوام کي خوشحال بڻائينداسين. هڪ بيان ۾ هن چيو ته قومي اسيمبلي مان ان بل جي منظوري فاٽا جي ع??ام کي پارليامينٽ پاران جمهور?? تحفو آهي، پوري قوم ۽ پاڪستان جي سمورين سياسي پارٽين کي مبارڪباد ڏيان ٿي، انشاءَ الله ايندڙ وقت ۾ وڌيڪ خوشخبريون ڏينداسين.
سپريم ڪورٽ ۽ هاءِ ڪورٽ جو دائرو قبائلي علائقن تائين وڌائڻ تاريخي سنگ ميل آهي: مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : سشی ایکسپریس