اسلام آباد – 14 سيپٽمبر (اي پي پي) وزير??عظ?? عمران خان چيو آهي ته اسان جي حڪومت عام ماڻهو جي لاءِ آسانيون پيدا ڪندڙ حڪومت هوندي، اسان کي ڪچي آبادين جي بدران قبضا گروپن تي هٿ وجهڻو آهي، وزير??عظ?? هائوس سميت 15 سرڪاري جائيدادن کي سرڪاري طور تي استعمال نه ڪرڻ سان ساليانو 1100 ڪروڙ روپين جي بچت ٿيندي، مري ۽ نٿياگلي جي گورنر هائوسز کي بهتر??ن هوٽلن ۾ تبديل ڪيو ويندو، وزير??عظ?? هائوس ۾ اعليٰ معيار جي يونيورسٽي بڻجندي، صرف ڪراچي جي ريلوي جي ايراضي تي قبضو ختم ڪرائي ان کي وڪرو ڪيو وڃي ته ان مان ريلوي جو خسارو ختم ٿي سگهي ٿو، ريلوي جي شعبي ۾ چين جي تجربن مان فائدو کڻنداسين، نومبر ۾ چين جو دورو ڪندس، هو وزير??عظ?? هائوس ۾ راولپنڊي ايڪسپريس ۽ ميانوالي ريل ڪار جي افتتاح کانپوءِ خطاب ڪري رهيو، تقريب کي ريلوي واري وفاقي وزير شيخ رشيد احمد به خطاب ڪيو.
اسان جي حڪومت عام ماڻهو جي لاءِ آسانيون پيدا ڪندڙ حڪومت هوندي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کے نمبر