اسلام آباد – 15 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) چيو آهي ته قرض جي ڌٻڻ ۾ ڦاٿل ملڪ جي اڳوڻن حڪمرانن جون شاهي خرچيون قوم کان ڳجهيون ناهن، ماضي جي حڪمرانن جي ابتڙ وزيراعظم عمران خان جي آمريڪا جي دوري تي صرف 67 هزار هڪ سئ?? 80 ??الر جا خرچ آيا، زرداري ۽ نواز حڪومتون مسلسل قوم جي پٺي تي قرضن جو بار وڌائينديون رهيون، ٻنهي پارٽين جي قيادت ٽيڪس ڏيندڙن جو پئسو پنهنجي عي??شين تي خرچ ڪندي رهي آهي، پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيف آرگنائيزر سيف الله خان نيازي سماجي رابطي جي ويب سائيٽ تي انگ اکر جاري ڪندي چيو آهي ته ڪنهن پاڪستان کي قرضي بڻايو ۽ ڪنهن ٽيڪس جي پئسن تي ڪيتري عي??شي ڪئي اها ڳالهه هاڻي ڪنهن کان ڳجهي ناهي، هن چيو ته زرداري 2009ع ۾ وا??نگٽن ويو ته 7 لک 52 هزار 668 ڊالر جو خرچ آيو، نواز شريف 2013ع ۾ وا??نگٽن ويو ته 5 لک 49 هزار 853 ڊالر خرچ ٿيو، عمران خان 2019ع ۾ وزيراعظم طور وا??نگٽن ويو ته صرف 67 هزار 180 ڊالر ۾ دورو مڪمل ٿي ويو، انهي طرح نيويارڪ جي سرڪاري دورن تي ٿيندڙ خرچن ۾ به وا??ح فرق ڏسڻ ۾ اچي ٿو.
قرض جي ڌٻڻ ۾ ڦاٿل ملڪ جي اڳوڻن حڪمرانن جون شاهي خرچيون قوم کان ڳجهيون ناهن: سيف الله خان نيازي
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کے فاتحین