اسلام آباد – 23 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته نيب قانونن ۾ ترميمن جي حوالي سان مخالف ڌر جون پارٽيون حڪومت تي دٻاءُ وجهڻ جي ڪوشش ڪر?? رهيون آهن، مخالف ڌر پارٽيون چاهين ٿيون ته ملڪ ?? معاشي بحران اچي ۽ حڪومت تي دٻاءُ وڌي، حڪومت اح??ساب تي ڪنهن به قسم جو ٺاهه نه ڪندي ?? بدعنوان عنصرن جي خلاف بنا فرق جي اح??ساب جو عمل جار?? رهندو. مخالف ڌر پارٽين جي اڳواڻن ۽ رهنمائن تي بدعنواني جا سنجيده ڪيسز آهن، بل??ول ڀٽو جو نيب کي بند ڪرڻ ۽ نيب چيئرمين کي گهر وڃن جي حوالي سان بيان کل جوڳو آهي. نجي ٽي وي چئنل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته ايف اي ٽي ايف جا قانون ملڪ جي لاءِ آهن، ڪنهن حڪومت لاءِ نه آهن، ايف اي ٽي ايف جا قانون اسان جا تجويز ڪيل ناهن پر اسان کي عالمي ادارن جي اميدن موجب ان تي عمل ڪرڻو آهي، اميد آهي ته عيدالاضحيٰ کان اڳ ايف اي ٽي ايف قانون پاس ٿي ويندو.
نيب قانونن ۾ ترميمن جي حوالي سان مخالف ڌر جون پارٽيون حڪومت تي دٻاءُ وجهڻ جي ڪوشش ڪري رهيون آهن: شبلي فراز
مضمون کا ماخذ : بڑا برا بھیڑیا۔