??سل??م آباد – 03 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ج?? صدارت ۾ هائوسنگ، ڪنسٽريڪشن اينڊ ڊولپمينٽ بابت نيشنل ڪوآرڊينيشن ڪميٽي جو هفتيوار اجلاس منعقد ٿيو، اجلاس ۾ اطلاعات ۽ نشريات وارو وزير سينيٽر شبلي فراز، خاص مددگار ملڪ امين اسلم، ليفٽيننٽ جنرل (ر) عاصم سليم باجوه، سي?? ذوالفقار عباس بخاري، ڊاڪٽر شهباز گل، نئون پاڪستان هائوسنگ اٿارٽي جو چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل (ر) انور علي حيدر، اسٽيٽ بئنڪ جو گورنر، ايف بي آر چيئرمين، لاڳاپيل کاتن جا سيڪريٽريز ۽ سينئر آفيسر شريڪ هئا جڏهن ته سمورا چيف سيڪريٽري ۽ آباد جي نمائندن وڊيولنڪ ذريعي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. سنڌ صوبي ۾ جاري ??عم??راتي سرگرمين ج?? باري ۾ اجلاس کي ٻڌايو ويو ته 19 ??عم??راتي منصوبن ج?? منظوري ڏني وئي آهي جنهن ج?? نتيجي ۾ 38 لک چورس فوٽ زمين تي اڏاوت ٿيندي، انهن اڏاوتن ج?? لاڳت 13.8 ارب روپيا آهي ۽ ان ج?? نتيجي ۾ 30 ارب روپين ج??ن معاشي سرگرميون پيدا ٿينديون، اجلاس ۾ موجود آباد جي نمائندن عارف حبيب، عقيل ڪريم ۽ ٻين مختلف نجي ??عم??راتي ڪمپنين طرفان ??عم??راتي منصوبن، جن ۾ گهٽ آمدني وارن گهرن ج?? ??عم??ر به شامل آهي، جي باري ۾ وزيراعظم کي آگاهه ڪيو، نمائندن وزيراعظم جي ذاتي دلچسپي ۽ حڪومتي قدمن کي ساراهيندي چيو ته اعليٰ سطحي ڪميٽي جي قيام ۽ وزيراعظم طرفان هفتيوار اجلاسن ۾ اڳڀرائي جي جائزي جي نتيجي ۾ ??عم??راتي منصوبن سان لاڳاپيل مرحلا نهايت خوش اسلوبي سان طئي ٿي رهيا آهن.
وزيراعظم جي صدارت ۾ هائوسنگ، ڪنسٽريڪشن اينڊ ڊولپمينٽ بابت نيشنل ڪوآرڊينيشن ڪميٽي جو اجلاس
مضمون کا ماخذ : اسلام آباد لاٹری