اسلام آباد – 16 – سيپٽمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر چيو آهي ته اسان کي افغانستان جي موجوده صورتحال تي انساني همدردي تحت ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي، عوامي مفاد لاءِ جتي به ضرورت پئي ته قانونسازي ڪنداسين، هو موسمياتي تبديلي بابت ڪميٽي جي اهتمام هيٺ ??قريب کي خطاب ڪري رهيو هو. ان موقعي تي اسپيڪر اسد قيصر چيو ته پارليامينٽ جو ڪم صحيح معنيٰ ۾ عوام جي ئي نمائندگي ڪرڻ آهي، عوامي مفادن جي تحفظ لاءِ جتي به ضرورت پئي قانونسازي ڪنداسين، هن چيو ته اسٽينڊنگ ڪميٽين ۾ ماهرن سان گڏجي ڪم ڪري رهيا ??هيون، اسان زراعت جي ڪميٽي ۾ آبادگارن، سائنسدانن ۽ ماهرن سان گڏجي ڪم ڪري رهيا ??هيون، موجوده اسيمبلي اهم قانونسازي ڪئي آهي، هن وقت تائين 94 بل منظور ٿي چڪا آهن ۽ 200 کان وڌيڪ بل ڪميٽين ۾ غور هيٺ ??هن، اهڙي طرح نجي ميمبرن جا 16 بل به منظور ٿي چڪا آهن، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر چيو ته موجوده پارليامينٽ محروم طبقي جي حوالي سان قدم کنيا ??هن، خصوصي ماڻهن جي حوالي سان به قانونسازي ڪئي پ??ي وڃي، هن چيو ته اسان کي افغانستان جي صورتحال تي انساني همدردي تحت ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. افغانستان جي ماڻهن کي خوراڪ جي فراهمي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. افغانستان جي صورتحال تي پ??رليامينٽ جي ڪميٽي جوڙي وئي آهي، هن چيو ته خيبرپختونخوا صوبي جي قبائلي ضلعن (اڳوڻي فاٽا) جي حوالي سان جيڪي واعدا ڪيا ??هن انهن تي عملدرآمد جي حوالي سان پارليامينٽ پنهنجو ڪردار ادا ڪندي.
عوامي مفاد لاءِ جتي به ضرورت پئي ته قانونسازي ڪنداسين: اسد قيصر
مضمون کا ماخذ : گولڈ رش