اسلام آباد – 19 – آڪٽوبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر چيو آهي ته خاتم النبيين حضرت محمد ﷺ جي زندگي مبارڪ پوري ڪائنات لاءِ مشعل راهه آهي، حضرت محمد ﷺ جي زندگي مبارڪ تي عمل ڪري اسان دنيا ۽ آخرت ۾ ڪاميابي حاصل ڪري سگهون ٿا، پاڻ سڳورن جي سنتن تي عمل ڪري اسان پنهنجي سمورين مشڪلاتن جو حل ڳولي سگهون ٿا. اهڙن خيالن جو اظهار هن جشن مي??اد النبي ﷺ جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو. هن چيو ته خاتم النبيين حضرت محمد ﷺ جي زندگي مبارڪ پوري ڪائنات لاءِ مشعل راهه آهي، رحمت اللعالمين اٿارٽي جي قيام سان نوجوان نسل کي سيرت خاتم النبين حضرت محمد ﷺ کان روشناس ڪرائڻ ۾ مدد ملندي. اسد قيصر چيو ته پاڻ سڳورن جي زندگي مبارڪ تي عمل ڪري اسان دنيا ۽ آخرت ۾ ڪاميابي حاصل ڪري سگهون ٿا، خاتم النبين حضرت محمد ﷺ جي پيغمبري سموري ا??سا??يت لاءِ رحمت آهي، جنهن ا??سا??يت کي جهالت جي انڌيري مان ڪڍي نيڪي ۽ هدايت جو رستو ڏيکاريو. اسد قيصر چيو ته پاڻ سڳورن جي سيرت سموري ا??سا??يت لاءِ نيڪي ۽ هدايت جو سرچشمو آهي، پاڻ سڳورن جي سنتن تي عمل ڪري اسان پنهنجي سمورين مشڪلاتن جو حل ڳولي سگهون ٿا. هن چيو ته خاتم النبيين حضرت محمد ﷺ جي زندگي مبارڪ عدل ۽ انصاف، سچائي گڏيل بقاء??، ا??سا??يت سان همدردي، صبر ۽ برداشت، امن ۽ محبت جو بهترين مثال آهي. هن سال ربيع الاول کي عشره رحمت اللعالمين جي طور تي ملهايو پيو وڃي، عشره رحمت اللعالمين ملهائڻ جو مقصد حضور خاتم النبين حضرت محمد ﷺ جي پيغام کي پوري دنيا ۾ پکيڙڻ آهي. خاتم النبيين حضور ﷺجو اُمتي هجڻ اسان جي لاءِ الله تعاليٰ جو عظيم احسان آهي. الله پاڪ جي ان عظيم احسان جو جيترو به ٿورو ادا ڪريون اهو گهٽ آهي، هن چيو ته پاڻ سڳورن جي زندگي مبارڪ مي??ار نور آهي ۽ زندگي جي هر شعبي ۾ ا??سا??يت جي لاءِ مشعل راهه آهي، اسلامو فوبيا جي تدارڪ لاءِ مسلمان ملڪن کي پاڻ ۾ رابطا قائم ڪرڻ ۽ گڏجي ڪم ڪ??ڻ جي ضرورت آهي. پاڻ صه صحت مند معاشري جي جوڙجڪ لاءِ هڪ مڪمل ضابطه اخلاق ڏنو.
خاتم النبيين حضرت محمد ﷺ جي زندگي مبارڪ پوري ڪائنات لاءِ مشعل راهه آهي: اسد قيصر
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے لائیو نتائج