اسلام آباد – 16 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ميڊيا ۽ عالم سڳورن تي زور ڏنو آهي ته هو خانداني منصوبابندي تي عوام جي رهنمائي ڪن ڇو ته جامع ۽ مسلسل آگاهي نه رڳو ماءُ ۽ ٻار جي صح?? پر قومي ترقي لاءِ به اڻٽر آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن دي چئلينج انيشي ايٽو پاڪس??ان جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته ميڊيا کي گهرجي ته هو پنهنجي ڊرامن، مارننگ شوز ۾ ماڻهن کي ان موضوع کان آگاهه ڪرڻ جي ??اءِ خاندان بابت بار بار پيغامن جي ??راهمي کي يقيني بڻائي، اهڙي طرح عالم سڳورن کي صح?? بابت پيغام پهچائڻ جي ??اءِ منبر جو استعمال ڪرڻ گهرجي جهڙوڪ انهن ڪورونا دوران ڪيو هو. هن چيو ته پاڪس??ان جهڙي قدامت پسند معاشري ۾ اها به حڪومت جي ذميداري آهي ته هو ليڊي هيلٿ ورڪرز ۽ احساس پروگرام جي دستياب ذريعن جي ذريعي حمل بند ڪرڻ جي دوائن تائين آسان پهچ کي يقيني بڻائي. هن چيو ته احساس پروگرام جي ذريعي حڪومت تقريبن هڪ ڪروڙ 70 لک خاندانن سان رابطي ۾ آهي جنهن کي ڪيترن موضوعن تي پيغام پهچائڻ جي ??اءِ به استعمال ڪري سگهجي ??و. صدر چيو ته حڪومت تمام گهڻي آبادي ۾ اضافي جي ??سئلي کي منهن ڏيڻ لاءِ ٺوس قدم کڻي رهي آهي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته احساس ڪيش امداد ۽ ڪاروباري قرضن جهڙن حڪومت جي جاري قدمن جي ??تيجي ۾ عورتن کي بااختيار بڻايو ويندو جيڪي بعد ۾ خانداني منصوبابندي تي پنهنجي حمايتي آواز کي وڌائي سگهنديون. هن چيو ته غذائيت جي کوٽ، تازن ڄاول ٻارن جي ??وت، ويم دوران موت جي شرح ۽ ٻارن ۾ غذائي کوٽ جا معاشري تي منفي اثر پوندا آهن جنهن کي منهن ڏيڻ لاءِ حڪومت عورتن کي مراعتون فراهم ڪري رهي آهي. هن چيو ته جيڪڏهن حڪومت جديد حمل روڪ دوائن تائين پهچ کي يقيني بڻائي ته پاڪس??ان ۾ ساليانو 90 لک بنا مرضي جي حمل جا انگ اکر هڪ سال جي اندر اڌ رهجي سگهن ٿا. صدر عالم سڳورن جي خانداني منصوبابندي جي ??خالفت ڪرڻ جي تصور کي به رد ڪري ڇڏيو ۽ چيو ته مصر، بنگلاديش، انڊونيشيا ۽ ايران سميت ٻين مسلمان ملڪن ۾ ان مسئلي کي ڪاميابي سان حل ڪيو ويو آهي. هن چيو ته انٽرا يوٽرين ڊيوائيسز جي ??قامي سطح تي پيڪجنگ جلد شروع ٿيڻ جي اميد آهي جنهن سان فرق پوندو. ملڪ انجڪشن ايبل هارمونز متعارف ڪرائڻ جي طرف وڌي سگهي ٿو. صدر علوي بل اينڊ ميلنڊا گيٽس فائونڊيشن جو پوليو جي خلاف جنگ ۾ پاڪس??ان جي ??دد ڪرڻ سان گڏوگڏ خانداني منصوبابندي جي ??عاملي تي تعاون فراهم ڪرڻ تي به ٿورو ادا ڪيو. ان موقعي تي وزيراعظم جي صح?? بابت خاص صلاحڪار ڊاڪٽر فيصل سلطان چيو ته وڏي آبادي ملڪ جو اثاثو بڻجي سگهي ٿي جيڪڏهن اها بهترين طريقي سان تعليم يافته ۽ بهترين ذهني ۽ جسماني صح?? سان مالا مال هجي. هن چيو ته حڪومت عورتن کي بااخيتار بڻائڻ ۽ نوجوانن کي هنرمندي جي تربيت ڏيڻ جي ??اءِ قدم کڻي رهي آهي ته جيئن هو دنيا ۾ چٽاڀيٽي قوت بڻجي سگهن. هن چيو ته 2030ع جي خانداني منصوبابندي جي ??دفن تحت حڪومت حمل روڪ دوائون استعمال ڪرڻ وارين عورتن جي تناسب کي موجوده 35 سيڪڙو کان وڌائي 60 سيڪڙو ڪرڻ جو هدف رکيو آهي، هن چيو ته ٽي سي آءِ پروگرام جي ڪامياب انعقاد لاءِ ضلعي حڪومت سان تعاون تي ڌيان ڏنو آهي، هن حڪومت پاران ڪورونا کي منهن ڏيڻ لاءِ 10 لک روپين جي ??يلٿ انشورنس سهولت جي آغاز جو ذڪر ڪيو، هن چيو ته ملڪ ۾ هڪ سال دوران پوليو جو هڪ به ڪيس رپورٽ ناهي ٿيو ۽ ايستائين جو ماحولياتي نمونا وٺڻ سان به ٻن مهينن دوران ڪو ڪيس سامهون ناهي آيو، ٽي سي آءِ جي ايگزيڪيٽو ڊائريڪٽر گلوبل ڪوجو اوو ڪولوڪو چيو ته ٽي سي آءِ پاڪس??ان جو آغاز توليدي صح?? جي چئلينج کي منهن ڏيڻ لاءِ حڪومت جي عزم کي ظاهر ڪري ٿو. هن چيو ته ٽي سي آءِ هڪ عالمي پليٽ فارم آهي جنهن صوبائي حڪومتن کي شهري علائقن ۾ خانداني منصوبابندي جي اثرن کي وڌائڻ ۾ مدد فراهم ڪئي جيڪا دنيا جي ??ين ملڪن ۾ ڪامياب ثابت ٿي آهي. تقريبن 110 ملين جي آبادي تي ٻڌل 11 ملڪن جي تقريبن 112 شهرن ۾ پنهنجي ??وجودگي سان، ٽي سي آءِ جي ??يادت بل اينڊ ميلنڊا گيٽس انسٽيٽيوٽ فار پاپوليشن اينڊ ري پروڊڪيٽو هيلٿ ڪئي آهي، جيڪا جانز هاپڪنز بلومبرگ اسڪول آف پبلڪ هيلٿ آمريڪا ۾ واقع آهي. تي سي آءِ پنجاب، سنڌ ۽ اسلام آباد جي ??ڏن شهرن ۾ صوبائي حڪومتن جي ??دد سان جديد حمل روڪ ۽ خانداني منصوبابندي تائين پهچ ۾ مدد ڪندو. گرين اسٽار سوشل مارڪيٽنگ جي چيف ايگزيڪي??و آفيسر سيد عزيز الرب چيو ته پاڪس??ان ۾ ساليانو هڪ ڪروڙ حمل مان تقريبن 40 لک بنا خواهش جي ??وندا آهن. تقريبن 29 لک عورتن کي حمل جي ??رحلي مان گذرڻو پيو ۽ ان جي ??تيجي ۾ پيدا ٿيندڙ پيچيدگين مان 10 هزار کان وڌيڪ عورتن جو مو ٿيو. چئلينج انيشي ايٽو هڪ اهڙو پليٽ افرم آهي جيڪو مقامي حڪومتن کي اها طاقت ڏي ٿو ته هو غريب خاندانن کي فائدو پهچائڻ لاءِ صح?? جي بهترين عمل کي تيزي سان ۽ پائيدار طريقي سان اختيار ڪن. اوڀر آفريقا، اولهه آفريقا، انڊيا، نائيجيريا ۽ فلپائن ۾ پنج ٻين مرڪزن کانپوءِ ٽي سي آءِ پاڪس??ان گرين اسٽار جي ذريعي ڪم ڪندڙ ڇهون مرڪز هوندو.
جامع ۽ مسلسل آگاهي نه رڳو ماءُ ۽ ٻار جي صحت پر قومي ترقي لاءِ به اڻٽر آهي: صدر
مضمون کا ماخذ : نتیجہ لوٹومینیا