اسلام آباد – 16 – مئي (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ابوظهبي ۾ گڏيل ع??ب امارات جي صدر شيخ خليفه بن زايد النهيان جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار ڪيو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب پرڏيهي وزير گڏيل ع??ب امارات جي نئين چونڊيل صدر شيخ محمد بن زايد النهيان، النهيان خاندان، يو اي اي جي قيادت ۽ عوام سان شيخ خليفه بن زايد النهيان جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار ڪيو. پرڏيهي وزير شاهي خاندان جي ٻين ماڻهن سان پڻ تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ گڏيل ع??ب امارات جي قيادت ۽ عوام جي لاءِ ان ناقابل تلافي نقصان کي برداشت ڪرڻ جي همت ۽ سگهه جي دعا ڪئي. پرڏيهي وزير پاڪستان ۽ گڏيل ع??ب امارات جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپنکي مضبوط بڻائڻ ۾ شيخ خليفه جي اڻٿڪ خدمتن کي ساراهيندي ان افسوس جو اظهار ڪيو ته سندس لاڏاڻي سان پاڪستان هڪ مخلص دوست کان محروم ٿ?? ويو آهي. شيخ خليفه کي خراج عقيدت پيش ڪندي پرڏيهي وزير چيو ته قوم ۽ ملڪ جي لاءِ سندس خدمتن کي سدائين ياد رکيو ويندو. پرڏيهي وزير شيخ محمد بن زايد النهيان جي لاءِ گڏيل ع??ب امارات جي نئين ??در طور ت?? پنهنجون ذميواريون سنڀالڻ تي نيڪ خواهشن جو پڻ اظهار ڪيو.
پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري پاران ابوظهبي ۾ گڏيل عرب امارات جي صدر شيخ خليفه بن زايد النهيان جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار
مضمون کا ماخذ : اسرار ریلز