سي??لڪ??ٽ – 03 – آگسٽ (اي پي پي) ڄمون ۽ ڪشمير فريڊم موومينٽ جي ڪنوينر ڊاڪٽر زاهد غني ڊار چيو آهي ته ڪشمير جي آزادي جي جدوجهد جو آواز اڳ کان وڌيڪ مضبوط ٿي چڪو آهي ۽ اهو ڏينهن پري نه آهي جڏهن ڪشميري آزادي جي نعمت سان همڪنار ٿيندا. اي پي پي سان ڳالهائيندي هن چيو ت?? 5 آگسٽ 2019ع جو ڀ??رت?? حڪومت جو قدم غيرآئيني ۽ غيرقانوني آهي، جنهن جي اسان ڀرپور مذمت ڪريون ٿا. هن چيو ??ه ننڍي کنڊ پاڪ هند ۾ پائيدار امن کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ ڪشمير تڪرار جو جلد ۽ پرامن حل لازمي آهي. هن مطالبو ڪيو ت?? ڀارت تڪراري قانون ۾ ترميم واپس وٺي ۽ والاريل ڪشمير جي 5 آگسٽ 2019ع کان اڳ واري حيثيت بحال ڪري. هن چيو ت?? ڀ??رت?? حڪومت جي قدمن سان نه رڳو سڄي دنيا جي ڪشميرين ۾ اضطراب جي لهر ڊوڙي وئي پر ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي هر علائقي ۾ ان جي خلاف سخت ردعمل سامهون آيو. ڀ??رت?? حڪومت صد??رت?? آرڊيننس ذريعي والاريل ڪشمير جي خصوصي حيثيت کي ختم ڪري ڇڏيو ۽ پنهنجي آئين ۾ موجود 370 ۽ 35 اي تحت سڄي ڄمون ۽ ڪشمير کي ڀ??رت?? عوام جي لاءِ کوليو ويو ۽ اتي اچي زمين جا ملڪيتي حق وٺي سگهن ٿا ۽ اتان جو ڊوميسيائيل به وٺي سگهن ٿا. ڀ??رت?? حڪومت جو اهو هڪ وڏو سازشي عمل هو، جنهن جي ذريعي هو والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ جاگرافيائي تبديليون آڻڻ سان گڏوگڏ ڄمون ۽ ڪشمير جي آبادي جي تناسب کي بدلائڻ چاهيو پئي.
ڪشمير جي آزادي جي جدوجهد جو آواز اڳ کان وڌيڪ مضبوط ٿي چڪو آهي: ڊاڪٽر زاهد غني ڊار
مضمون کا ماخذ : بہت کچھ