اسلام آباد – 17 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف سان پاڪستان ۾ گڏيل قومن جي ريزيڊنٽ ڪوآرڊينيٽر جولين هارنيس ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ گڏيل قومن جي پائيدار تر??ياتي ت??او?? جي فريم ورڪ، ٻوڏ کان ڇوٽڪاري، خوراڪ جي حفاظت ۽ ماحولياتي نظام جي بحالي سميت گڏيل قومن جي پاڪستان سان ڪم ۽ ت??او?? جي مختلف شعبن تي ۾ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ??ئي. وزيراعظم گڏيل قومن جي چارٽر جي مقصدن ۽ اصولن جي لاءِ پاڪستان جي پڪي عزم کي ورجائيندي چيو ته امن قائم ڪرڻ، انساني همدردي جي سرگرمين، موسمياتي تبديلين ۽ پائيدار تر??ي جي لاءِ عالمي ت??او?? جي شعبن ۾ پاڪستان گڏيل قومن جي ڪمن ۾ فعال ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. وزيراعظم گڏيل قومن جي ايجنڊا 2030ع ۽ پائيدار تر??ي جا هدف حاصل ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان جي اڳڀرائي جي حمايت ۾ گڏيل قومن پاران ادا ڪيل اهم ڪردار کي ساراهيو. وزيراعظم سڄي پاڪستان ۾ تازي ٻوڏ سبب ٿيندڙ تباهي تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته متاثر علائقن ۾ ماڻهن کي انساني بنيادن تي ريليف جي فراهمي حڪومت جي اولين ترجيح آهي. گڏيل قومن جي ريزيڊنٽ ڪوآرڊينيٽر وزيراعظم کي گڏيل قومن جي پاڪستان ۾ پائيدار تر??ي، انساني امداد، ماحولياتي تحفظ، خوراڪ جي حفاظت ۽ موسمياتي تبديلي جي شعبن ۾ جاري سرگرمين کان آگاهه ڪيو. هن ڪورونا وائرس جي وبا سان لچڪدار بحالي ۽ پائيدار تر??ي جي لاءِ پاڪستان جي جاري ڪوششن ۾ گڏيل قومن پاران مسلسل حمايت کي ورجايو. جولين هارنيس جنوري 2020ع کان پاڪستان ۾ گڏيل قومن جي ريزيڊنٽ ڪوآرڊينيٽر طور پنهنجا فرض سرانجام ڏئي رهيو آهي، گڏيل قومن جي ڪنٽري ٽيم جنهن ۾ گڏيل قومن جون سموريون ايجنسيون، فنڊز، پروگرام شامل آهن، جي سربراهي ڪري رهيو آهي ۽ پاڪستان جي تر??ياتي ترجيحن ۽ منصوبن سان گڏيل قومن جي ملڪ ۾ قدمن جي هم آهنگي يقيني بڻائي رهيو آهي.
وزيراعظم شهباز شريف سان پاڪستان ۾ گڏيل قومن جي ريزيڊنٽ ڪوآرڊينيٽر جولين هارنيس جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : غالب افریقہ