اسلام آباد – 19 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته اسان هن وقت ماحولياتي تبديلين سان ٿيندڙ تباهي جي خلاف حالت جنگ ۾ آهيون، ٻوڏ کانپوءِ بحالي جي منصوبن جي لاءِ اربين رپين جا قرض گهربل آهن. وزيراعظم آفيس جي اڪائونٽس تان جاري ٻوڏ کان متاثر علائقن ۾ بيٺل پاڻي جي تصوير سان گڏ ڪيل ٽوئيٽ ۾ چ??و ويو آهي ته وزيراعظم محمد شهباز شريف فنانشل ٽائيمز کي ??نه??جي انٽرويو ۾ چ??و ته جيڪي اسان جا مطالبا آهن ۽ جيڪو ڪجهه اسان کي ملي رهيو آهي ان ۾ تمام وڏو فرق آهي، اسان ماحولياتي تبديلين سان ٿيندڙ تباهي جي خلاف حالت جنگ ۾ آهيون ۽ اسان ان جو شڪار آهيون، اڄ جيڪڏهن اسان ان جو شڪار آهيون ته سڀاڻي ڪو ٻيو ملڪ ان جو شڪار ٿي سگهي ٿو ۽ اسان اهو نه ٿا چاهيون ته ائ??ن نه ٿئي. وزيراعظم چيو ته ٻوڏ کانپوءِ پاڪستان کي بحالي جي لاءِ اربين رپين جو قرض گهربل آهي.
اسان هن وقت ماحولياتي تبديلين سان ٿيندڙ تباهي جي خلاف حالت جنگ ۾ آهيون: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : میٹھا بونانزا