اسلام آباد – 15 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت ۾ معاشي بحالي، توانائي جي کوٽ جي خاتمي لاءِ اجلاس ٿيو. توانائي ج?? بچت جو قومي هنگامي پلان تيار ڪيو ويو آهي جنهن سان امپورٽ بل ۾ نمايان ۽ واضح گهٽتائي ٿيندي، غيرمعمولي صورتحال ۾ غيرمعمولي قدمن جو فيصلو ڪيو ويو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته ايمرجنس?? بچت پلان حتمي منظوري جي لاءِ ڪابينا جي اي??دڙ اجلاس ۾ پيش ڪيو ويندو. سمورن وڏن وزيرن کي به ڪابينا جي اي??دڙ اجلاس ۾ گهرايو ويندو. انرج?? بچت پلان تي صوبن سان گڏجي عملدرآمد ٿيندو. هن چيو ته بجلي چورن جي خلاف ڪريڪ ڊائون جو به فيصلو ڪيو ويو، نجي ۽ سرڪاري عمارتن کي شمسي توانائي تي منتقل ڪرڻ به پلان جو حصو آهي. هن ٻڌايو ته هنگامي توانائ?? بچت پلان جو مقصد عوام ۽ معيشت تي دٻاءُ گهٽ ڪرڻ آهي ڇو ته عاليم منڊي ۾ تيل سميت ٻارڻ جي قيمت ۾ مسلسل اضافو ٿي رهيو آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پاڪستان جو درآمدي بل 29 بلين ڊالر ساليانو آهي، رپين ۾ اها رقم 6 ??رب رپين کان وڌيڪ آهي، توانائ?? بچت پلان جي نتيجي ۾ 13 بلين ڊالر ساليانو ج?? بچت جو ڪاٿو لڳايو ويو آهي جيڪا پاڪستاني رپين ۾ 262 ارب رپين کان وڌيڪ رقم بڻجي ٿي. هن چيو ته غيرمعمولي حالتن جو مقابلو ڪرڻ جي لاءِ غيرمعمولي قدم لازمي آهن جنهن ۾ هر پاڪستاني کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پ??ند??. سمورن صوبن کي گڏجي نيشنل ڪنزرويشن پلان تي عمدلرآمد ڪرڻو پ??ند??. اجلاس ۾ ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته توانائي ج?? بچت پاڪستان جي بقاءَ جو مسئلو آهي.
وزيراعظم جي صدارت ۾ معاشي بحالي، توانائي جي کوٽ جي خاتمي لاءِ اجلاس ٿيو، توانائي جي بچت جو قومي هنگامي پلان تيار ڪيو ويو آهي، جنهن سان امپورٽ بل ۾ نمايان ۽ واضح گهٽتائي ٿيندي: مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : مردہ یا زندہ II