اسلام آباد – 03 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آه?? ته پاڪستان چين جي اسٽريٽجڪ لاڳاپن ۾ سگهه ٻنهي ملڪن جي ڏهاڪن تي ٻڌل پراڻي دوستي جو واضح ثبوت آه??، ڪراچي ۾ گذريل ڏينهن ڪي ٿري منصوبي جو افتتاح چين پاڪستان جي لاڳاپن ۾ و??يڪ سگهه جو عڪاس آه??، ڪي ٿري منصوبو پاڪستان جي ڊگهي مدي واري ??عا??ي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن چائنا نيشنل نيوڪليئر ڪارپوريشن جي وائيس چي??رمين ليوجينگ ۽ پاڪستان ۾ چيني سفارتخاني جي ناظم الامور پنگ چن شوئي جي قيادت ۾ آيل وفد سان ڳالهائيندي ڪيو، جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ناڻي ۽ اوڳاڙين واري وفاقي وزير سينيٽر اسحاق ڊار، منصوبابندي وارو وفاقي وزير احسن اقبال، بجلي وارو وفاقي وزير انجنيئر خرم دستگير خان، وزيراعظم جو صلاحڪار احد چيما، خاص معاون طارق فاطمي، طارق باجوه، جهازيب خان ۽ ٻيا لاڳاپيل اعليٰ عملدار موجود هئا. وزيراعظم چيو ته پاڪستان چين جي اسٽريٽجڪ لاڳاپن ۾ سگهه ٻنهي ملڪن جي ڏهاڪن تي ٻڌل پراڻي دوستي جو واضح ثبوت آه??. ڪراچي ۾ گذريل ڏينهن ڪي ٿري منصوبي جو افتتاح چين پاڪستان جي لاڳاپن ۾ و??يڪ استحڪام جو عڪاس آه??، اهو پ??ور پلانٽ نه رڳو پاڪستان جي وڌندڙ بجلي جون ضرورتون پوريون ڪندو پر گهٽ لاڳت ۽ ماحول دوست بجلي فراهم ڪندو ۽ پاڪستان جي ڊگهي مدي واري ??عا??ي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو. ملاقات ۾ وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته چين پاڪستان ۾ نيوڪليئر انرجي جي شعبي ۾ سيڙپڪاري وڌائڻ ۾ دلچسپي رکي ٿو ۽ ان حوالي سان جلد وفدن جي سطح تي ملاقاتن جي شروعات ڪئي ويندي جنهن جي وزيراعظم آجيان ڪئي.
پاڪستان چين جي اسٽريٽجڪ لاڳاپن ۾ سگهه ٻنهي ملڪن جي ڏهاڪن تي ٻڌل پراڻي دوستي جو واضح ثبوت آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : jogos de azar no Brasil