ا??لا?? آباد – 02 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان آمريڪا سان پنهنجي لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو ۽ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جو خو??هش??ند آهي، پنجاب ۽ ڪيليفورنيا واپار، سيڙپڪاري، زراعت، آءِ ٽي، تعليم سميت گڏيل دلچسپي جي شعبن ۾ گڏجي ڪم ڪري سگهن ٿا. اهڙن خيالن جو اظهار هن آمريڪي رياست ڪيليفورنيا جي رياستي اسيمبلي جي ڪرس هولڊن جي قيادت ۾ 4 رڪني وفد سان ملاقات دوران ڪيو. وفد جي ٻين ميمبرن ۾ اسيمبلي م??مبر ايلوائس ريئس، مائيڪ گپسن ۽ وينڊي ڪيريلو شامل هئا. ڪيليفورنيا جي اسيمبلي م??مبرن جي پاڪستان ۾ آجيان ڪندي وزيراعظم چيو ته پاڪستان آمريڪا سان پنهنجي پراڻن لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو ۽ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ جو خو??هش??ند آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ آمريڪا گذريل سال سفارتي لاڳاپن جي 75 هين سالگرهه ملهائي. ان پس منظر ۾ 9 جنوري 2023ع تي ڪيليفورنيا ?? پنجاب جي وچ ۾ ”سسٽر اسٽيٽ ريزوليوشن“ تي صحيحون هڪ خوش آئنده اڳڀرائي آهي. پنجاب ۽ ڪيليفورنيا گڏيل دلچسپي جي شعبن بشمول واپار، سيڙپڪاري، زراعت، آءِ ٽي، تعليم ۽ ثقافتي م??اسٽا ۾ گڏجي ڪم ڪري سگهن ٿا. وزيراعظم عوام سان عوام جي رابطي کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۾ پاڪستاني ڄائي آمريڪين جي مثبت ڪردار کي ساراهيو. ڪرس هولڊن وفد جي م??مان نوازي تي وزيراعظم جا ٿورا مڃيا ?? پاڪستان آمريڪا لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏنو.
پاڪستان آمريڪا سان ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جو خواهشمند آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : raspadinha آن لائن