اسلام آباد – 20 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف گڏيل قومن جي چارٽر موجب ڳالهين ۽ سفارتي حل جي ??رو??ت تي زور ڏيندي چيو آهي ته يوڪرين تڪرار سان ڪيترن ئي ملڪن جي معيشتن کي نقصان پهتو آهي، وزيراعظم پاڪستان ۽ يوڪر??ن جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جو عزم پڻ ظاهر ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان يوڪر??ن جي پرڏيهي معاملن واري وزير ديمترو ڪوليبا ملاقات ??ئي. وزيراعظم يوڪر??ن جي آزادي کانپوءِ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گرمجوش ۽ دوستاڻن لاڳاپن کي ياد ڪيو. هن ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جو عزم ڪيو. ان موقعي تي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار، سيڙپڪاري، دفاع، تعليم ۽ ثقافت سان گڏوگڏ ڏک?? ايشيا ۽ يوريشيا جي خطن ۾ سلامتي جي صورتحال سميت گڏيل دلچسپي جي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم ان ڳالهه تي روشني وڌي ته يوڪر??ن جي تڪرار جو عالمي سطح تي وڏو اثر پيو آهي جنهن سان ڪيترن ئي ملڪن جي معيشتن کي نقصان پهتو آهي. هن گڏيل قومن جي چارٽر موجب ڳالهين ۽ سفارتي حل جي ??رو??ت تي پڻ زور ڏنو. يوڪر??ن جي پرڏيهي وزير وزيراعظم کي يوڪر??ن جي موجوده صورتحال تي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته سندس ملڪ سدائين تعاون ۽ دوستي تي ٻڌل پراڻن ۽ خوشگوار لاڳاپن جو فائدو کنيو آهي جنهن جو گڏيل مقصد عالمي امن ۽ علائقائي استحڪام ۾ ڪردار ادا ڪرڻ آهي. واضح رهي ته يوڪر??ن جو پرڏيهي وزير 20 کان 21 جولاءِ 2023ع تائين پاڪستان جي دوري تي آهي.
يوڪرين تڪرار سان ڪيترن ئي ملڪن جي معيشتن کي نقصان پهتو آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : سپر اسپنر