اسلام آباد – 03 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ پراڻا ڀائراڻا لاڳاپا آهن جيڪي ڏهاڪن تي ٻڌل آهن، پاڪستان خوش قسمت آهي جنهن کي سعودي عرب جهڙو خيرخواهه دوست ميسر آهي، اميد آهي ته پاڪستان جو دورو ڪندڙ سعودي وفد سان پاڪستاني ڪاروباري شخصيتن جون ملاقاتون لاڀائتيُون ثابت ٿينديون. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي صدارت ۾ سعودي عرب جي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ۽ منصوبن تي اڳڀرائ?? جي حوالي سان اعليٰ سطحي جائزه اجلاس ۾ ڪيو. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن ڄام ڪمال خان، محمد اورنگزيب، احد خان چيما، عطاءُ الله تارڙ، راڻا تنوير حسين، ڊاڪٽر مصدق ملڪ، عبدالعليم خان، سردار اويس خان لغاري، مملڪتي وزير شزه فاطمه، خاص معاون طارق فاطمي، ڊپٽي چيئرمين پلاننگ جهان??يب خان، وزيراعظم جي ڪوآرڊينيٽر راڻا احسان افضل، ايس آءِ ايف سي ج?? قومي ڪوآرڊينيٽر ليفٽيننٽ جنرل سرفراز ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس کي وزيراعظم جي سعودي عرب جي دوري بابت تفصيلي طور تي آگاهه ڪرڻ سان گڏوگڏ سعودي عرب جي ڪاروباري وفد جي اسلام آباد اچڻ ۽ متوقع شعبن ۾ سيڙپڪار?? جي حوالي سان آگاهه ڪيو ويو. وزيراعظم اجلاس جي شرڪت ڪندڙن کي پنهنجي سعودي عرب جي تازي دور?? جي حوالي سان آگاهه ڪيو. اجلاس کي سعودي عرب پاران ڪاروباري شخصيتن جي اعليٰ سطحي وفد جي ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ پاڪستان جي دوري بابت آگاهه ڪيو ويو. اجلاس ۾ وزيراعظم چيو ته سعودي قيادت پاران پاڪستان ۾ سيڙپڪار?? جي فروغ ۽ پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحال?? جي لاءِ قدمن تي مون سميت پور?? قوم سعودي قيادت جي ٿورائتي آهي. سعودي عرب جي دور?? جي بهترين تيار?? جي لاءِ سمورن لاڳاپيل وزيرن ۽ آفيسرن جون ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن. سعودي قيادت پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحال?? جي لاءِ هر قسم جي معاونت جي آڇ ڪئي، جيڪا خوش آئنده آهي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته سعودي وفد جي بهترين مهمان نوازي ڪئي وڃي. هن چيو ته اميد آهي سعودي وفد سان پاڪستاني ڪاروباري شخصيتن جون ملاقاتون لاڀائتيُون ثابت ٿينديون. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ پراڻا ڀائراڻا لاڳاپا آهن جيڪي ڏهاڪن تي ٻڌل آهن. پاڪستان خوشقسمت آهي جنهن کي سعودي عرب جهڙو خيرخواهه دوست ميسر آهي. وزيراعظم چيو ته سعودي فرمانروا سلمان بن عبدالعزيز ۽ سعودي ولي عهد ۽ وزيراعظم محمد بن سلمان پاڪستان ۾ سيڙپڪار?? جي فروغ ۽ ان جي ترقي ۽ خوشحالي ?? گهري دلچسپي رکن ٿا.
پاڪستان خوش قسمت آهي جنهن کي سعودي عرب جهڙو دوست ميسر آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ لائیو