راولپنڊي -01 جولاءِ (اي پي پي) اينٽي نارڪوٽڪس فورس منشيات اسمگلنگ خلاف ڪريڪ ڊائون دوران 7 ڪارروائي?? ۾ 833 ڪلوگرام منشيات هٿ ڪري 3 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو. اي اي?? ايف هيڊ ڪوارٽر راولپنڊي مان جاري ??پورٽ مطابق گذريل 24 ڪلاڪن دوران منشيات جي خاتمي وارين ڪارروائين دوران باچا خان انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي قطر ويندڙ مسافر کان 748 گرام آئس هٿ ڪئي وئي. راولپنڊي ۾ ??ار??و آفيس مان آسٽريليا موڪلي ويندڙ پارس?? مان 400 گرام آئس هٿ ڪئي وئي. ماشخي?? مان 460 ڪلوگرام آفيم هٿ ڪيو ويو. پشين روڊ ڪوئٽا ويجهو 319 ڪلوگرام آفيم هٿ ڪيو ويو. ڪراچي مان ڪنٽينر جي ڳجهن خانن مان 41 ڪلوگرام آئس هٿ ڪئي وئي. حيدرآباد ۾ ريلوي ڦاٽڪ ويجهو موٽر سائيڪل سوار کان 7 ڪلوگرام چرس هٿ ڪيو ويو. سيالڪوٽ ۾ سمبڙيال ويجهو جوابدار کان 4.8 ڪلوگرام چرس هٿ ڪيو ويو. ترجمان ٻڌايو ته گرفتار جوابدارن خلاف دهشتگردي جي خاتمي واري ??يڪٽ تحت ڪيس داخل ڪري ??اچ شروع ڪئي وئي آهي.
اي اين ايف پاران مُلڪ جي مختلف شهرن ۾ ڪارروايُون، 833 ڪلوگرام منشيات هٿ، 3 جوابدار گرفتار
مضمون کا ماخذ : منی ٹرین 2