اسلام آباد – 22 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ملڪ ۾ سيڙپڪاري ۾ اضافو حڪومت جي اولين ترجيح آهي، حڪومت واپارين ۽ سيڙپڪارن کي ڪاروبار دوست ماحول فراهم ڪرڻ جي لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهي آ??ي جڏهن ته وزيراعظم وفاقي وزارتن جي صلاحيت ۽ سيڙپڪاري کي وڌائڻ جي لاءِ اسٽيئرنگ ڪميٽي جوڙڻ جي هدايت ڪئي آ??ي جنهن جي سربراهي ه?? پاڻ ڪندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ۾ اضافي ۽ حڪومتي ادارن جي صلاحيت ۾ بهتري جي حوالي سان وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ?? اهم اجلاس ٿيو. اجلاس کي ٻ??اي?? ويو ته پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ اٿارٽي پاران وفاقي وزارتن جي صلاحيت وڌائڻ ۽ سيڙپڪاري ۾ اضافي جي حوالي سان ماهرن جون خدمتون حاصل ڪرڻ جي لاءِ ڪسنلٽنسي فرم ڪئيارني (Kearney) جون خدمتون حاصل ڪيون ويون آهن، ڪئيارني هڪ عالمي شهرت يافته فرم آهي جنهن جا آپريشنز سڄي دنيا خاص طور تي وچ اوڀر ۾ آهن. وزيراعظم چيو ته ملڪ ۾ سيڙپڪاري ۾ اضافو حڪومت جي اولين ترجيح آهي، حڪومت واپارين ۽ سيڙپڪارن کي ڪاروبار دوست ماحول فراهم ڪرڻ جي لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهي آ??ي. وزيراعظم سيڙپڪاري ۽ حڪومتي صلاحيت ۾ بهتري جا اهڙا منصوبا جن جي حوالي سان جلد نتيجا برآمد ٿيڻ جا امڪان آهن، جي لاءِ فوري طور تي موثر قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم وفاقي وزارتن جي صلاحيت ۽ سيڙپڪاري وڌائڻ جي اڳڀرائي جي حوالي سان اسٽيئرنگ ڪميٽي جوڙڻ جي هدايت ڪئي جنهن جي سربراهي وزيراعظم پاڻ ڪندو. ڪئيارني پاران وزيراعظم کي پاڪستان حڪومت سان جاري پنهنجي مشاورتي عمل جي حڪمت عملي تي بريفنگ ڏيندي ٻ??اي?? ويو ته ڪئيارني ه??ستائين وفاقي حڪومت جي 15 ادارن سان مشاورت ڪري چڪي آ??ي، ان مشاورتي عمل ۾ 97 ترجيحي منصوبن جي نشاندهي ڪئي وئي آ??ي. بريفنگ ۾ ٻ??اي?? ويو ته ڪئيارني پاڪستان حڪومت سان مشاورت ?? پائيدار ترقي جي لاءِ منصوبابندي جي حڪمت عملي تيار ڪندي، ڪئيارني سرڪاري ادارن جو ريگيوليٽري فريم ورڪ بهتر بڻائڻ ۽ سيڙپڪارن کي راغب ڪرڻ ۽ رياستي ملڪيتي ادارن جي نجڪاري جي حوالي سان پاڪستان حڪومت کي معاونت فراهم ڪندي. اجلاس ۾ اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير احد خان چيما، ناڻي ۽ اوڳاڙين واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب، منصوبابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال، ناڻي واري مملڪتي وزير علي پرويز ملڪ، ڊپٽي چيئرمين پلاننگ ڪميشن جهانزيب خان، وزيراعظم جي ڪوآرڊينيٽر راڻا احسان افضل ۽ لاڳ??پي?? اعليٰ سرڪاري آ??يسرن شرڪت ڪئي.
ملڪ ۾ سيڙپڪاري ۾ اضافو حڪومت جي اولين ترجيح آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : números quina hoje