گڏيل قومون-03 فيبروري (اي پي پي) سڄي دنيا ۾ انساني ڀائيچاري جو عالمي ڏينهن اڄ ڇنڇر تي ملهايو ويندو. ان موقعي تي گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريش پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته عالمي يوم ڀائيچاري جي ڏهاڙي ملهائڻ جو مقصد همدردي، مذهبي، تفهيم ۽ گڏيل احترام جي قدرن کي هٿي ڏيڻ مڪالمي ۽ عمل ذريعي مذهب يا عقيدي جي آزاديءَ جي انساني حقن جي حاصلات کي يقيني بنائڻ لا??ِ قدمن لا??ِ هڪ فريم ورڪ، طريقيڪار ۽ تحريڪ فراهم ڪ??ڻ آهي. هن چيو ته امن کي هٿي وٺرائڻ ۽ انسانيت کي متحد ڪرڻ لا??ِ اهي قدر انتهائي اهميت جوڳا آهن ??ر پوري دنيا ۾ نفرت انگيز تقريرون، فرقيواريت، تڪرار ۽ اختلافن کي هٿي ڏئي ورهاست، عدم مساوات ۽ وڌندڙ مايوسيءَ سبب قدم ختم ٿي ر??يا آهن، حقيقت اها آهي ته دنيا جي معاشرن ۽ فرقن ۾ مذهبي انتهاپسندي ۽ اڻبرادشت ۾ واڌ ٿيندو رهي ٿو. هن چيو ته دنيا ۾ هر جڳهه تي مذهبي اڳواڻن جو فرض آهي ته هو پنهنجي پيروڪارن وچ ۾ نفرت ۽ انتهاپسنديءَ کي ختم ڪن ۽ هن چيو ته بين المذاهب مڪالمو مثبت اظهار راءِ پيدا ڪري ٿو، مفاهمت ۽ دلين ۽ ذهنن ۾ امن امان قائم ڪ??ڻ جي شفاف بخشڻ جو ذريعو بڻجي ٿو. دلين ۽ ذهنن ۾ امن جي سوچ کي هٿي ملي ٿي.
سڄي دنيا ۾ انساني ڀائيچاري جو عالمي ڏينهن اڄ ملهايو ويندو
مضمون کا ماخذ : سانتا کا سرپرائز