گڏيل قومون – 08 جون (اي پي پي) گڏيل قومن ۾ چين ??ي نائب مستقل نمائندي گنگ شوانگ چيو آهي، ته يوڪرين جي بح??ان جي سياسي حل تي چين ۽ برازيل طرفان پيش ڪيل اتفاق راءِ سڀ ک??ن وڏو نقطئه نظر آهي جيڪو بين الاقوامي برادري يوڪرين جي بح??ان جي باري ۾ جوڙي سگهي ٿي. ۽ چين جي اتفاق راءِ جي حمايت ۽ شموليت لاءِ وڌيڪ ملڪن جي آجيان ڪري ٿو. چيني ميڊيا موجب گنگ شوا??گ يوڪرين جي معاملي تي سلامتي ڪائونسل جي اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته تڪرار جي شروعات کان پوءِ چين هميشه امن ڳالهين کي هٿي ڏيڻ ۽ يوڪرين جي بح??ان جي سياسي حل لاءِ مثبت ڪوششون ڪندو اچي پيو. ڪجهه وقت اڳ چين ۽ برازيل گڏيل طور يوڪرين جي بح??ان تي 6 نقاطي اتفاق راءِ پيش ڪيو هو، جنهن ۾ ان ڳالهه تي زور ڀر??و ويو هو، ته ڳالهيون ۽ ڳالهيون ئي بح??ان جو حل ڪڍڻ جو واحد رستو آهن، جنهن ۾ سمورين ڌرين تي زور ڀر??و ويو ته اهي ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي لاءِ گڏجي ڪم ڪن. سمورين ڌرين کان انساني امداد وڌائڻ، ايٽمي هٿيارن جي استعمال جي مخالفت ڪرڻ، ايٽمي بجلي گهرن تي حملن جي مخالفت ڪرڻ ۽ عالمي صنعتي ۽ سپلاءِ چين جي استحڪام کي برقرار رکڻ جو مطالبو ڪيو.
چين هميشه امن ڳالهين کي هٿي ڏيڻ ۽ يوڪرين بحران جي سياسي حل لاءِ مثبت ڪوششون ڪيون آهن: چيني نمائندو
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ کا انعام