رياض -10 جون(اي پي پي) خادم حرمين شريفين شاهه سلمان بن عبدالعزيز آل سعود غزه جي پٽي جي شهيدن ۽ زخمين جي خاندانن مان وڌيڪ هڪ هزار ماڻهن جي سرڪاري سطح تي حج دوران ميزباني جو حڪم نامو جاري ڪيو آه??. العربيه اردو مطابق شاهه سلمان طرفان فلسطيني شهيدن ۽ زخمين جي سرڪاري سطح تي حج جي حڪمن تحت هاڻي مجموعي طور تي 2 هزار فلسطيني حج جو فرض ادا ڪندا. ان کان اڳ سعودي ??رب هر سال هڪ هزار فلسطينين جي سرڪاري حج جا انتظام ڪندو آه??. فلسطيني حاجين ۾ اضافو موجوده غزه جنگ سبب متاثر فلسطينين جي سڪون ۽ هنن سان يڪجهتي جي اظهار طور ڪيو ويو آه??. وڌيڪ هڪ هزار فلسطيني پانڌيئڙن جي حج جي انتظامن جي نگراني سعودي ??رب جي مذهبي معاملن واري وزارت ڪندي. ان موقعي تي سعودي ??رب جي مذهبي معاملن واري وزير ۽ خادم حرمين شريفين جي خصوصي حج پروگرام جي انچارج ڊاڪٽر عبداللطيف آل الشيخ شاهه سلمان بن عبدالعزيز آل سعود، ولي ??هد ۽ وزيراعظم شهزاده محمد بن سلمان بن عبدالعزيز آل سعود طرفان فراخدلاڻي شاهي قدم جو ٿورو مڃيو.
خادم حرمين شريفين طرفان غزه جي شهيدن جي وڌيڪ هڪ هزار مائٽن جي حج ميزباني جا حڪم
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کے نمبر