نيويارڪ-27 نومبر (اي پي پي) آمريڪا جي ارب پتي ۽ ڪاروباري شخصيت ايلون مسڪ چيو آھي ته مس??قبل جي جنگن ۾ ڊرونز ويڙهاڪ جھازن جي جاءِ والاريندا. پرڏيھي رپورٽ مطابق ايلون مسڪ ايڪس تي جاري پوسٽ ۾ لکيو آھي ته بنا پائلٽ جي ھوائي گاڏين (يو اي وي) مس??قبل جي ھٿياربند تڪرارن ۾ پائلٽ ويڙهاڪ جھازن جي جاءِ والاريندا. مس??قبل جون جنگون ڊرونز ۽ ھائپر سونڪ ميزائلن بابت آھن. انسانن ذريعي ھلندڙ وڙهاڪ جھاز جلد ختم ٿي ويندا. واضح رھي ته سيپٽمبر جي پڄاڻ?? ت?? ايلون مسڪ مس??قبل ۾ ”ڊرون هلائيندڙن“ وچ ۾ ويڙهه جي اڳڪٿي ڪئي آھي. ان ان کان اڳ هن ففٿ جنريشن جي ايف 35- جنگي جھازن تي تنقيد ڪندي چيو ھو ته اھي بنا پائلٽ ٽيڪنالاجي جي وڌڻ سبب مھانگا ۽ پراڻا آھن.
مضمون کا ماخذ : خیبر پختونخوا لاٹری