استنبول – 21 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي سان گني جي صدر ايلفا ڪونڊي ملاقات ڪئي جنهن ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻه طرفي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ لاءِ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، ٻنهي اڳواڻن جي نائين ڊي ايٽ سربراهه ??جلاس جي موقعي تي ترڪي جي تاريخي شهر استنبول ۾ هي ملاقات ٿي. ٻنهي اڳواڻن جي وچ ۾ دفاع، زراعت، تعليم، ريلوي، بينڪنگ ۽ تعميرات جي شعبن ۾ ٻه طرفي تعاون وڌائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم چيو ته آفريقا لاءِ پاڪستان جو ويزن مضبوط ويجهي دوستاڻي لاڳاپن کي واپار، سيڙپڪاري ?? دفاعي تعاون جي ذريعي وڌائڻ آهي جڏهن ته پب??ڪ پرائيويٽ حصيداري ?? گڏجي اڳتي وڌڻ آهي. پاڪستان ۽ گني جي تعاون جي حوالي سان وزيراعظم شاهد خاقان عباسي کيس ٽيڪسٽائيل، ليڌر، انفرااسٽرڪچر جي ترقي، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ايس ايم ايز تجربي مان فائدو کڻڻ جي آڇ ڪئي.
وزيراعظم سان گني جي صدر جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : تھور میگا ویز کی طاقت