مظفر آباد – 03 آگسٽ (اي پي پي) آزاد ڪ??مير جي وزيراعظم راجا فاروق حيدر خان جي ميزباني ۾ آزاد ڪ??مير جي سمورين پارلياماني پارٽين جو اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ آزاد ڪ??مير جي صدر سردار مسعود خان، پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي، قومي سلامتي واري صلاحڪار مع??د يوسف خصوصي شرڪت ڪئي. شرڪت ڪندڙن پاران والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فوج جي رياستي دهشتگردي جي سخت مذمت ڪئي وئي. ان موقعي تي آزاد ڪ??مير جي وزيراعظم راجا فاروق حيدر چيو ته 35 اي جو خاتمو ۽ آبادي جو تناسب تبديل ڪرڻ جون ڪوششون عالمي قانونن جي خلاف ورزي آهي، هڪ سال ٿي ويو آهي والاريل ڪشمير ??ڪمل فوجي گهيراءُ ۾ آهي عوام قيدين وانگر زندگي گذاري رهي آهي، پاڪستان حڪومت ڀارتي قدمن کي سڄي دنيا ۾ بي نقاب ڪرڻ جي لاءِ جارحاڻي سفارتي مهم هلائي، پاڪستان ۾ هڪ قومي حڪمت عملي اختيار ڪئي وڃي، آزاد ڪ??مير ۽ ٻاهرئين ملڪ رهندڙ سڄي دنيا ۾ هڪ ٿي ڀارت جي خلاف پرامن سياسي تحريڪ هلائين??ا، مودي جي انتهاپسنداڻي سوچ ڀارت کي پنهنجي لپيٽ ۾ وٺي ڇڏيو آهي. پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو ته ڪشمير جي معاملي تي آزاد ڪ??مير جي سمورين سياسي پارٽين سمورن ادارن ۾ ڪشمير جي معاملي تي مڪمل هم آهنگي آهي، پاڪستان جي عوام ۽ حڪومت ڪشميرين جي جدوجهد جي آزادي ۾ انهن سان گڏ بيٺل آهيون، 5 آگسٽ تي پرڏيهي وزارت ۾ ملڪ جي سمورين سياسي پارٽين جو خصوصي اجلاس ٿيندو. رياستي پارٽين جو پاڪستاني قوم ۽ حڪومت پاران 5 آگسٽ کي ڀرپور طريقي سان ملهائڻ تي رياستي قيادت پاران ٿورا مڃيا ويا. پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ڪشميري قيادت کي ڪشمير ??اليسي ۽ عالمي سطح تي کنيل قدمن تي بريفنگ ڏني.
راجا فاروق حيدر جي ميزباني ۾ آزاد ڪشمير جي سمورين پارلياماني پارٽين جو اجلاس
مضمون کا ماخذ : لاٹری کی تجزیاتی ایپ