اسلام آباد – 18 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته نئون پاڪستان حقيقت ۾ نئين سوچ جو نالو آهي، تعميراتي شعبي ۾ واڌ سان ملڪي معيشت کي ڪورونا جهڙي وبا ۾ به بچيل رهي، ان شعبي جي ڪري معيشت ۾ بهتري روزگار ۾ اضافو ۽ دولت جي وڌا ٿي، جنهن سان ملڪ تي چڙهيل قرض واپس ڪرڻ ۾ مدد ملندي، اهڙن خيالن جو اظهار هن پورهيت طبقي ۾ گهر ۽ فليٽ ورهائڻ جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته هو ذُلفي بخاري ۽ ورڪر ويلفيئر فنڊ جي ٽيم کي خراج تحسين پيش ڪري ٿو ته 25 سال پراڻي منصوبي کي حقيقت ۾ تبديل ڪيو اها وڏي ڪاميابي آهي. 25 سالن کان ڪنهن ان کي پنهنجي ترجيحي بڻائڻ جو نه سوچيو اهي ماڻهو اها سوچ به سوچي به نٿا سگهن ته انهن جا پنهنجا گهر هو??دا ڇاڪاڻ جو اهو ڪڏهن به ڪنهن حڪومت جي ترجيح نه هئي، وزيراعظم چيو ته نئون پاڪستان حقيقت ۾ نئين سوچ جو نالو آهي، نئين پاڪستان جو مقصد ئي ڪمزور طبقي کي مٿي آڻڻ آهي. اها اسان سڀني جي ذميدا??ي آهي، هن چيو ته حڪومت جي سوچ اها ثابت ڪري ٿي ته اهو ڪنهن تي احسان نه آهي، اهو پورهيتن جو حق آهي اهي گهر پهرين مسواڙ تي ملندا هئا هاڻي اها ئي مسواڙ قسطن ۾ ويندي ۽ اهي گهر انهن جي ملڪيت هو??دا. وزيراعظم چيو ته پنهنجو گ??ر سڀ کان وڏي نعمت سمجهي ويندي آهي، ڳوٺاڻن علائقن ۾ ايراضي گهٽ قيمت تي دستاب هجڻ جي ڪري اتي گهر ٺاهڻ آسان هو??دو آهي، جيتوڻيڪ شهرن ۾ مزدور طبقو پگهاردار، سرڪار ملازم ۽ پوليس ملازمن جي لاءِ پنهنجو گ??ر ب??ائڻ زمين مهانگي هجڻ جي ڪري ناممڪن هو??دو آهي، هن چيوته اسان بئنڪن کان مارڪ اپ جو نئون قانون کڻي آيا آهيون جنهن سان بئنڪ پهرين ڀيرو ان طبقي کي گهر ڏئي سگهندي، ان قانون کي ٺاهڻ ۽ عدالت مان اجازت وٺڻ ۾ ٻه سال لڳا، دير جو سبب اهو ئي هو.
نئون پاڪستان حقيقت ۾ نئين سوچ جو نالو آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : میٹھا بونانزا