ڪابل -22 آگسٽ (اي پي پي) حزب اسلامي جي سربراهه ا??جنيئر گلبدين حڪمت يار افغان مسئلي جي پرامن ۽ ڳالهين واري حل لاءِ وزيراعظم عمران خان جي موقف ۽ ڪوششن جي تعريف ڪندي چيو آهي ته ٻين سڀني سياسي گروپن تي ٻڌل هڪ جامع حڪومت وقت جي ضرورت آهي ۽ اهڙي حڪومت افغانست??ن ۾ وڌيڪ رتوڇاڻ کي روڪي سگهي ٿي ۽ جنگ سٽيل ملڪ کي بحران مان ٻاهر ڪڍي سگهي ٿي. هڪ انٽرويو ۾ هن چيو ته دوحه ا??ن معاهدي کان پوءِ نئين حڪومت جي جوڙجڪ لاءِ هتي ابتدائي ڳالهيون شروع ٿي ويون آهن.هن چيو ته ا??غانستان مان آمريڪي ۽ نيٽو فوج جي مڪمل نيڪالي کان پوءِ سڀني گروپن وچ ۾ ڳالهيون شروع ٿينديون. هن چيو ته مسئلي جي حل لاءِ سڄي افغان سياسي قيادت کي گڏجي ويهڻ گهرجي ته جيئن مسئلي کي حل ڪري سگهجي. هن اميد ظاهر ڪئي ته سڀئي مسئلا ڳالهين ذريعي حل ڪيا ويندا. هن چيو ته ا??غان عوام ڊگهي جنگ ۽ جهيڙي کان تنگ ٿي چڪي آهي ۽ پنهنجي جنگ سٽيل ملڪ ۾ امن ۽ استحڪام آڻڻ چاهي ٿي ۽ ترقي ۽ نئين سر تعمير لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي. موجوده ۽ ماضي جي طالب??ن ۾ تبديلي بابت هڪ سوال تي حزب اسلامي جي سربراهه چيو ته سڀني افغانين کي مسلسل جنگ سان وڏو نقصان پهتو جن پنهنجي غلطين مان سکيو آهي. هن چيو ته موجوده طالب??ن ۾ هاڪاري تبديلي آئي آهي. افغانست??ن ۾ ڀارت جي ناڪاري ڪردار بابت هن چيو ته ا??يد آهي ته ڀارت ۾هاڻي افغانست??ن ۾ هاڪاري ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي ۽ ان سلسلي ۾ پنهنجي ماضي جي پاليسي جو جائزو وٺڻ گهرجي. هن چيو ته ڀارت افغانست??ن ۾ اڳوڻي سوويت يو??ين جي يلغار جي حمايت ڪئي هئي. جيڪا ڪميونسٽن جي حمايتي ۽ مجاهدن جي مخالف هئي. هن چيو ته ڀارت افغانستان تي نيٽو جي حملن جي به حمايت ڪئي هئي. هن چيو ته ڀارت پاڪستان سان پنهنجي ڪنفليڪٽ افغانستان منتقل نه ڪري. افغان سر زمين کي ڪنهن به جنگ لاءِ استعمال ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي. هن چيو ته ا??ن ۽ استحڪام ڀارت سميت سڄي خطي جي مفاد ۾ آهي ۽ اسان کي اميد آهي ته ڀارت ۾ افغانست??ن ۾ امن جي بحالي لاءِ افغان عوام جي جدوجهد جي حمايت ڪندو.
افغانستان ۾ سڀني سياسي گروپن تي ٻڌل گڏيل حڪومت وقت جي ضرورت آهي: گلبدين حڪمت يار
مضمون کا ماخذ : بہت کچھ