اسلام آباد – 22 – اپريل (اي پي پي) وف??قي ڪابينا ۾ توسيع ڪندي وڌيڪ 4 وزير شامل ڪيا ويا آهن جن ايوان صدر ۾ منعقد هڪ سادي ۽ پروقار تقريب ۾ حلف کنيو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي نئين وف??قي وزيرن ۽ مملڪتي وزيرن کان حلف ورتو. حلف برداري جي تقريب ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف، سول ۽ فوجي عملدارن، حڪومت ۾ شامل اتحادي پارٽين جي اڳواڻن ۽ ٻين اهم شخصيتن شرڪت ڪئي. وف??قي ڪابينا ۾ جن نون وزيرن کي ??امل ڪيو ويو آهي انهن ۾ ميان جاويد لطيف، آغا حسن بلوچ ۽ چوڌري سالڪ حسين کي وف??قي وزير بڻايو ويو آهي جڏهن ته محمد هاشم نوتيزئي کي مملڪتي وزير جي حيثيت سان ڪابينا ۾ شامل ڪيو ويو آهي. ان کان اڳ 19 اپر??ل ??ي پهرين مرحلي ۾ ڪابينا ۾ 30 وف??قي وزيرن ۽ 3 مملڪتي وزيرن کي ??امل ڪيو ويو هو. ڪابينا ۾ اڳ ۾ ئي 3 صلاحڪارن کي ??ه شامل ڪيو ويو آهي. وف??قي ڪابينا جي حلف برداري کان اڳ وزيراعظم محمد شهباز شريف پي ڊي ايم ۾ شامل پارٽين ۽ ٻين اتحادي پارٽين جي سربراهن سان ڪابينا جي جوڙجڪ جي لاءِ مشاورت ڪئي هئي جنهن کانپوءِ ڪابينا کي ??تمي شڪل ڏني وئي هئي. اها ڳالهه ذڪر جوڳي آهي ته مسلم ليگ (ن) جي صدر محمد شهباز شريف 11 اپر??ل ??ي ملڪ جي نئين وزيراعظم جي حيثيت سان حلف کنيو هو، ان کان اڳ قومي اسيمبلي محمد شهباز شريف کي 174 ووٽن سان پاڪستان جي 23 هين وزيراعظم جي حيثيت سان چونڊيو هو.
وفاقي ڪابينا ۾ توسيع، وڌيڪ 4 وزير شامل، ميان جاويد لطيف، آغا حسن بلوچ ۽ چوڌري سالڪ حسين وفاقي وزير جو حلف کنيو
مضمون کا ماخذ : پیش گوئی اور حکمت عملی