اسلام آباد- 05 ڊسمبر (اي پي پي) ر??اب??دي، ترقي، سڌارن ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي ته ٻو?? جي آفت کي مُنهن ڏيڻ لاءِ سڄو ملڪ گڏ ٿيو آهي، سمورا ادارا، سول سوسائٽي ۽ حڪومت گڏجي ڀرپور ڪم ڪيو آهي، ٿڌ جي موسم کي نظر ۾ رکندي ٻو?? متاثرن کي اڃا به امداد جي ضرورت آ??ي، حڪومت ۽ قوم گڏجي ان جذبي سان پاڪستان کي اڳتي وٺي ويندا، ٻو?? کي مُنهن ڏيڻ ۾ اين ايف آر سي سي جو ڪردار مثالي رهيو آهي. نيشنل فلڊ رسپانس اينڊ ڪوآرڊينيشن سينٽر جي پڄاڻيءَ واري سيشن کي خطاب ڪندي وفاقي وزير جو چوڻ ه?? ته ٻو?? کان 30 ارب ڊالرن جو نقصان ٿيو آهي، محنت ۽ پنهنجي وسيلن جو استعمال ڪندي نقصانن جو ازالو پورو ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون. ريسڪيو ۽ رليف جي ڪمن ۾ پاڪ فوج سميت سمورا فورسز ۽ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن مثالي ڪم ڪيو. ٻو?? کانپوءِ ريسڪيو ۽ رليف بحاليءَ جي سرگرمين کي بنا رڪاوٽ جاري رکڻ تي وزيراعظم شهباز شريف ۽ سڄي قوم طرفان اين ايف آر سي سي جي پوري ٽيم کي خراجِ تحسين پيش ڪريون ٿا. هن چي?? ته حڪومت موسمياتي تبديليءَ جي مستقبل جي چئلينجز ک?? نظر ۾ رکندي بحالي ۽ ٻيهر تعمير جي گهڻ رُخي حڪمت عملي بڻائي آهي جنهن کي ڊونرز ڪانفرنس ۾ عالمي برداريءَ آڏو پيش ڪنداسين. ٿڌ جي موسم ۾ ٻو?? متاثرن کي اسان جي امداد جي ضرورت آ??ي، سرنديءَ وارا ماڻهو ۽ ادارا پنهنجو ڀرپور ڪردار جاري رکن. نيشنل ڪوآرڊينيٽر اين ايف آر سي سي ليفٽيننٽ جنرل ظفر اقبال سيشن کي پنهنجي خطاب ۾ ٻو?? جي صورتحال کي مُنهن ڏيڻ ۾ وزيراعظم پاڪستان ۽ ڊپٽي چيئرمين اين ايف آر سي سي احسن اقبال جي لاڳيتي ڪوششن کي ساراهيو. هن چي?? ته اين ايف آر سي سي جي جهنڊي هيٺان سمورا قومي ادارا، وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون ۽ عالمي امدادي ادارا ٻو?? کانپوءِ بحالي لاءِ ڀرپور تعاون ڪيو جنهن تي سندن شڪرگذار آهيون.
ٻوڏ جي آفت کي مُنهن ڏيڻ لاءِ سڄو ملڪ گڏ آهي، سمورا ادارا، سول سوسائٽي ۽ حڪومت گڏجي ڀرپور ڪم ڪيو آهي: احسن اقبال
مضمون کا ماخذ : quina prêmio acumulado