اسلام آباد – 13 – جولاءِ (اي پ?? پي) پاڪستان چيو آهي ته هو ڪشميرين کي گڏيل قوم?? جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن موجب انه?? جي حل طلب خودمختياري جو حق حاصل ڪرڻ تائين ڀارتي ڏاڍ جي خلاف انه?? جي منصفاڻي جدوجهد ۾ حمايت جاري رکندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چي?? ته گذريل 7 ڏهاڪن کان جاري ڀارتي ڏاڍ ڪشميري عوام جي خواهش کي ٽوڙڻ ۾ ناڪام رهيو آهي جيڪي پ??هنجي خودمختياري جي حق لاءِ جدوجهد جاري رکيو اچن. هن چي?? ته پاڪستاني قوم اڄ 92 هون شهداءِ ڪشمير ڏهاڙو انهن 22 ڪشميري?? جي شهادت جي ياد ۾ ملهائي رهي آهي جن 1931ع ۾ ڊوگره فوج جي وحشياڻي ۽ انڌاڌنڌ فائرنگ جو مقابلو ڪندي پ??هنجي جانين جا نذرانا پيش ڪيا. ترجمان چي?? ته اسان انهن شهيدن کي سلام پيش ڪريون ٿا جن بهادري سان ڪشميري?? جي خودمختياري جي حق لاءِ هڪ دليراڻو جدوجهد جي شروعات ڪئي ۽ آزادي جي اها تحريڪ اڄ تائين جاري آهي. هن چي?? ته ڊوگره فوج وانگر گذريل 70 سالن دوران ڀارتي قابض فوج هزارين ڪشميرين کي رڳو پنهنجي حق?? جي مطالبي تي شهيد ڪيو آهي ته ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ 5 آگسٽ 2019ع کان هيستائين ڀارتي قابض فوج جي هٿان 780 کان وڌيڪ ڪشميرين کي شهيد ڪيو ويو آهي. هن چي?? ته گذريل 7 ڏهاڪن کان جاري ڀارتي ڏاڍ ڪشميري عوام جي خواهش کي ٽوڙڻ ۾ ناڪام رهيو آهي جيڪي خودمختياري جي حق جي لاءِ جدوجهد جاري رکيو اچن. هن ان عزم جو ٻيهر ورجاءُ ڪي?? ته پاڪستان پنهنجي ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن کي گڏيل قوم?? جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن موجب انه?? جي تسليم ٿيل خودمختياري جو حق حاصل ڪرڻ تائين ڀارتي ڏاڍ جي خلاف انه?? جي منصفاڻي جدوجهد ۾ حمايت جاري رکندو.
پاڪستان ڪشميرين جي منصفاڻي جدوجهد ۾ حمايت جاري رکندو: پرڏيهي آفيس
مضمون کا ماخذ : نتیجہ ڈوپلا سینا