??سل??م آ??اد – 18 – جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي مالديپ ۽ پاڪستان ??ي گڏيل مفاد جي لاءِ واپاري ۽ اقتصدي تعاون وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفي واپار کي سگهه ڏيڻ سان گڏوگڏ مالديپ کي پاڪستاني مصنوعات برآمد ڪرڻ جا وسيع امڪان موجود آهن، پاڪستان مالديپ سان پنهنجي لاڳاپن کي ٻطرفي ڏس سميت سارڪ، او آءِ سي، گڏيل قو??ن ۽ دولت مشترڪه جي فريم ورڪ ۾ تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو. ايوان ??در جي پريس ونگ پاران ??اري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار پاڪستان ۾ مالديپ جي عهدو ڇڏيندڙ هاءِ ڪمشنر فرزانه ظاهر سان ??يوان ??در ۾ ملاقات دوران ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪيو. هن قدرتي آفتن ۽ موسمياتي تبديلي جي شدت کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ملڪن جي وچ ۾ ويجهي تعاون جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ چيو ته موسمياتي تبديلين سان ??رقي يافته ۽ اسرندڙ ملڪن ٻنهي کي هڪ جهڙو خطرو آهي. صدر چيو ته پاڪستان ۽ مالديپ کي سياحت جي شعبي ۾ تعاون وڌائڻ ۽ هڪ ٻئي جي تجربن مان ??کڻ جي ضرورت آهي. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ڀارت پاران مسلمانن جي خلاف فرق ۽ انهن تي ظلم انتهائي ڳڻتي جوڳو آهي، عالمي برادري کي ڀارتي سيڪيورٽي فورسز پاران مسلمانن خاص طور تي وا??ار??ل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ٿيندڙ ظلمن جو نوٽيس وٺڻ جي ضرورت آهي. صدر سارڪ جا مقصد حاصل ڪرڻ جي لاءِ تنظيم جي ڪردار تي پڻ زور ڏنو. هن چيو ته ??سل??مي ملڪن کي ??سل??مو فوبيا جو مقابلو ڪرڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي. صدر عهدو ڇڏيندڙ هاءِ ڪمشنر کي ان ??ي ملازمت جي مدي جي ڪاميابي سان پڄاڻي تي مبارڪ??اد ڏني ۽ پاڪستان مالديپ لاڳاپن کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ هاءِ ڪمشنر جي ڪوششن کي ساراهيو.
مالديپ ۽ پاڪستان جي گڏيل مفاد جي لاءِ واپاري ۽ اقتصدي تعاون وڌائڻ جي ضرورت آهي: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : سانتا کا سرپرائز