اسلام آباد – 22 – آگ??ٽ (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته ٻارن جي حقن جي پائمالي ڪندڙ ڏوهارين جي خلاف باقاعده قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي ۽ انهن کي جلد ??ان جلد ??يفر ڪردار تائين پهچايو ويندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن ٻارن جي حقن بابت قومي ??مي??ن جي چيئرپرسن اڳوڻي سينيٽر عائشه رضا فاروق سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ڪالهه اڱاري ڏينهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ عائشه رضا فاروق انوارالحق ڪاڪڙ کي وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ اڳوڻي سينيٽر ۽ ٻارن جي حقن بابت قومي ??مي??ن جي چيئرپرسن عائشه رضا فار??ق جي قيادت ۾ ٻارن جي حقن بابت قومي ??مي??ن جي ڪارڪردگي کي ساراهيو. وزيراعظم ٻارن جي حقن بابت قومي ??مي??ن جي سهولت لاءِ سمورن وسيلن کي استعمال ۾ آڻڻ جو عزم ڪيو. ان موقعي تي عائشه رضا فاروق وزيراعظم کي ملڪ ۾ ٻارن سان زيادتي ۽ چائلڊ ليبر جي موجوده صورتحال بابت آگ??هه ڪيو. وزيراعظم چيو ته ٻارن جي حقن جي پائمالي ڪندڙ ڏوهارين جي خلاف باقاعده قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي ۽ انهن کي جلد ??ان جلد ??يفر ڪردار تائين پهچايو ويندو. ملڪ ۾ ٻارن جي حقن جي تحفظ ۽ ٻارن جي حقن بابت قومي ??مي??ن کي سهولت فراهم ڪرڻ جي لاءِ موثر قانونسازي ڪئي ويندي.
ٻارن جي حقن جي پائمالي ڪندڙ ڏوهارين جي خلاف باقاعده قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي: نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ
مضمون کا ماخذ : ہاٹ اسپن