اسلام آباد – 30 – اپريل (اي پي پي) وزير??عظ?? محمد شهباز شريف چيو آهي ته سعودي عرب ۽ پاڪستان جا ٻطرفا لاڳاپا ۽ معاشي حصيداري وڌيڪ مضبوط ٿي رهي آهي، سعودي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان سعودي وزيرن کي پاڪستان جي حوالي سان خصوصي هدايتون جاري ڪيون، قيادت جي سطح تي ٿيندڙ مفاهمت کي عملي شڪل ڏيڻ جي لاءِ پوري محنت سان ڪم ڪنداسين. وزير??عظ?? آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب سعودي عرب جي دوري جي پڄاڻي تي جاري بيان ۾ وزير??عظ?? چيو ته سعودي عرب ۽ پاڪستان جا ٻطرفا لاڳاپا ۽ حصيداري وڌيڪ مضبوط ٿي رهي آهي، ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ سعودي عرب جي ڪ??روباري شخصيتن جو وفد پاڪستان اچي رهيو آهي. هن چيو ته سعودي عرب جي ڪ??روباري شخصيتن جي وفد سان ٻنهي ملڪن ۾ معاشي حصيداري جي رفتار وڌيڪ تيز ٿيندي، قيادت جي سطح تي ٿيندڙ مفاهمت کي عملي شڪل ڏيڻ جي لاءِ پوري محنت سان ڪم ڪنداسين، پاڪستان ۽ سعودي عرب جي معاشي حصيداري سان ٻنهي ڀائر ملڪن جي لاڳاپن ۾ هڪ نئين دور جي شروعات ٿي آهي، ٻن مهينن دوران پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ اعليٰ ترين سطح تي رڪ??رڊ وفدن جي مٽاسٽا ٿي آهي، سعودي عرب ۾ ٽن ڏينهن جو دورو تاريخي اهميت رکندڙ آهي جنهن ۾ انتهائي لاڀائتي ڳالهه ٻولهه ٿي. هن چيو ته عالمي اقتصادي فورم ۾ عالمي اڳواڻن سان ملاقاتون ٿيون جن ۾ گهڻ رخي شعبن ۾ گڏيل تعا??ن واپار، سيڙپڪاري جي فروغ ۾ مثبت اڳڀرائي ٿي آهي. هن چيو ته ورلڊ اڪنامڪ فورم تي واضح انداز ۾ بيان ڪيو ته دنيا کي پرامن بڻائڻو آهي ته غزه ۾ مستقل امن قائم ڪرڻو پوندو. وزير??عظ?? چيو ته شاندار ميزباني ۽ پاڪستان سان پرخلوص محبت تي سعودي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان جا دل سان ٿورا ادا ڪريان ٿو، ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان سعودي وزيرن کي پاڪستان جي حوالي سان خصوصي هدايتون جاري ڪيون، ان جي لاءِ پڻ تمام گهڻا ٿورائتا آهيون. هن چيو ته سعودي عرب جي وزيرن کي به خراج تحسين پيش ڪريان ٿو جن قيادت جي وچ ۾ مفاهمت تي عملدرآمد جي لاءِ ڀرپور تياري ڪ??ي.
سعودي عرب ۽ پاڪستان جا ٻطرفا لاڳاپا ۽ معاشي حصيداري وڌيڪ مضبوط ٿي رهي آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کی گائیڈ