اسل??م آباد – 07 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته معاشي انگ اکر مثبت آهن، عالمي اخبارُون ۽ رسالا به پاڪستان جي معيشت کي ساراهي رهيا آهن، پينشن سڌارن تي تج??يزون طلب ڪيون آهن، جڏهن تج??يزن کي حتمي شڪل ڏني ويندي ته ميڊيا ۽ عوام کي آگاهه ڪيو ويندو. پي ٽي وي هيڊڪوارٽرز م ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب ۽ قانون واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ملڪ ت??ريخ جي ان موڙ تي بيٺل آهي جتي سڌارا ضروري آهن. هن چيو ته معيشت صحيح رخ ۾ گامزن آهي، معيشت ??ي حوالي سان سمورا انگ اکر مثبت آهن، سموريُون عالمي اخبارُون ۽ رسالا پاڪستاني معيشت ??ي حوالي سان قدمن کي ساراهي رهيا آهن جيڪو ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته معاشي انگ اکر مثبت هجڻ سان گڏوگڏ سئو سيڪڙو صحيح به آهن. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم اقتدار سنڀالڻ کانپوءِ سڀ کان پهرين خرچن ۾ گهٽتائي جي ڳالهه ڪئي، حڪومت جتي روينيو ۾ اضافي جي لاءِ قدم کنيا، اتي خرچن ۾ گهٽتائي پڻ ڪئي. پينشن سڌارن بابت هن چيو ت?? گذريل ڪجهه هفتن کان ميڊيا تي پينشن سڌارن ??ي حوالي سان قياس آرائيون ڪيون پيون وڃن ۽ ان کي ڪنهن هڪ اداري سان ڳنڍيو پيو وڃي. هن چيو ته پينشن سڌارن ??ي حوالي سان تج??يزون طلب ڪيون ويون آهن، انهن تج??يزن تي غور ڪيو ويندو. هن چيو ته غلط فهمي ۽ قياس آرائين کان بچڻ جي لاءِ اسان جي ڪوشش آهي ته جيڪو به معاملو ڪابينا، حڪومت يا ڪنهن به فورم تي غور هيـٺ اچي، ان کي ميڊيا آڏو رکيو وڃي ته جيئن ان تي مناسب تج??يزون اچي سگهن، اهڙي طرح اسان پروپئگنڊه ۽ فيڪ نيوز کان پڻ بچي سگهون ٿا. وفاقي وزير چيو ته ملازمن جي سروس جو عرصو وڌائڻ ??ي حوالي سان تج??يز تي غور ڪيو پيو وڃي، جڏهن اهي تج??يزون حتمي شڪل اختيار ڪري وينديون ته ميڊيا ۽ عوام کي آگاهه ڪيو ويندو.
معاشي انگ اکر مثبت آهن، عالمي اخبارُون ۽ رسالا پاڪستان جي معيشت کي ساراهي رهيا آهن، پينشن سڌارن تي تجويزون طلب ڪيون آهن: عطاءُ الله تارڙ
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ کی پیش گوئی