اسلام آباد – 22 – مئي (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي و??ير عطاءُ الله تارڙ پاڪستان ۾ چونڊ عمل کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ عالمي ادارن جي تعاون کي ساراهيندي چيو آهي ته سوشل ميڊيا جي عروج سياسي مصروفيتن کي نئين شڪل ڏني آهي، موجوده ڊيجيٽل دور ۾ جتي ڊيجيٽل تي ٻڌل حڪمت عملين جي راهه هموار ٿي آهي اتي فيڪ نيوز، مس انفارميشن ۽ ڊس انفارميشن جا چئلينجز پڻ درپيش آهن. اها ڳالهه هن گڏيل قومن جي ??ونڊ ضرورتن جي جائزه مشن سان ملاقات دوران ڳالهائيندي چئي. ملاقات ۾ اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان، يو اين ڊي پي، اليڪشن سپورٽ پروگرام جي ذريعي ٽيڪنيڪي معاونت جي فراهمي، فيڪ نيوز، مس انفارميشن، ڊس انفارميشن سميت ٻين اهم معاملن تي خيالن جي ??ي وٺ ٿي. اطلاعات واري وفاقي و??ير گڏيل قومن جي جائزه مشن پاران پاڪستان ۾ چونڊن جي شفافيت جي لاءِ خدمتن کي ساراهيو. هن چيو ته پاڪستان ۾ چونڊ عمل کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ عالمي ادارن جو تعاون ساراهه جوڳو آهي. هن چيو ته موجوده ڊيجيٽل دور ۾ پاڪستان ۾ چونڊ مهم ۾ تبديلي آئي آهي. سوشل ميڊيا جي عروج سياسي مصروفيتن کي نئين شڪل ڏني آهي، موجوده ڊيجيٽل دور ۾ جتي ڊيجيٽل تي ٻڌل حڪمت عملين جي راهه هموار ٿي رهي آهي اتي فيڪ نيوز، مس انفارميشن ۽ ڊس انفارميشن جا چئلينجز پڻ درپيش آهن. هن چيو ته فيڪ نيوز، مس انفارميشن ۽ ڊس انفارميشن سڄي دنيا جا مسئلا آهن. اطلاعات واري وفاقي و??ير چيو ته اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان موجوده دور جي ??هرجن موجب ڊيجيٽل محاذ تي ڪم ڪري رهيو آهي. هن گڏيل قومن جي ??ونڊ ضرورتن جي جائزه مشن کي پنهنجي ??ونڊ تڪ بابت به آگاهه ڪيو. وفاقي و??ير چيو ته چونڊ عمل ۾ ووٽرن کي آگاهي فراهم ڪرڻ انتهائي ضروري آهي. منهنجي ??ونڊ تڪ ۾ مسيحي برادري جا 70 هزار کان وڌيڪ ماڻهو شامل آهن. هن چيو ته منهنجي ??ونڊ تڪ ۾ هر ماڻهو کي متحرڪ ڪيو ۽ انهن کي هر شعبي بابت آگاهي فراهم ڪئي. گڏيل قومن جي ??ونڊ ضرورتن جي جائزه مشن پاڪستان حڪومت جي ??ونڊ عمل جي ساک کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ قدمن کي ساراهيو. وفد ۾ پوليٽيڪل افيئرز آفيسر هيسام منڪارا، اديتيه آڌيڪاري، يو اين ڊي پي ريجنل ايڊوائيزر ناجيه هاشمي، چيف ٽيڪنيڪل ايڊوائيزر يو اين ڊي پي ايس اي ايل پي ميري ڪيومنز، پروگرام ايڊوائيزر ايس اي ايل پي يو اين ڊي پي محمد قاسم جنجوعه شامل هئا.
سوشل ميڊيا جي عروج سياسي مصروفيتن کي نئين شڪل ڏني آهي: عطاءُ الله تار
مضمون کا ماخذ : سکاراب ملکہ