اسلام آباد – 08 – جولائي (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري سرڪاري زمين جي پيداواري استعمال جي لاءِ عالمي مالياتي ادارن ۽ اسٽاڪ ايڪسچينج کان فنڊنگ حاصل ڪرڻ جي لاءِ اسٽيٽ لينڊ بئنڪ قائم ڪرڻ جي تجويز ڏيندي ڪڇي ڪينال منصوبي کي ڏيڍ سال ۾ مڪمل ڪرڻ تي زور ڏيندي چيو آهي ته ڪڇي ڪينال سان ??لوچستان 713000 ايڪڙ زمين سيراب ٿيندي، وفاقي حڪومت منصوبي جي ترجيحي بنيادن تي وقت سر تڪميل يقيني بڻائڻ جي لاءِ فنڊز فراهم ڪندي. صدر اها هدايت ايوان ??در ۾ گرين پاڪستان منصوبي بابت اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. ايوان ??در جي پريس ونگ پاران ??اري بيان موجب صدر کي گرين پاڪستان منصوبي جي لاءِ اسٽريٽجڪ واهن جي تعمير بابت بريفنگ ڏني وئي. اجلاس ۾ وفاقي گهرو سيد محسن رضا نقوي ۽ اعليٰ عسڪري عملدارن شرڪت ڪئي. صدر کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته گرين پاڪستان منصوبي ت??ت 6 اسٽريٽجڪ واهن جي تعمير ڪئي ويندي، اسٽريٽجڪ واهن ۾ چشما رائٽ بينڪ، ڪڇي، ريڻي، گريٽر ٿل، چولستان ۽ ٿر ڪينال شامل آهن. بريفنگ ۾ چيو ويو ته واهن سان ملڪي پوکي جوڳي زمين، لائيو اسٽاڪ ۽ ماهيگيري جي صلاحيت وڌائڻ ۾ مدد ملندي. هن گرين پاڪستان منصوبي جي لاءِ اسٽريٽجڪ واهن تي ڪم شروع ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته پاڻي جو زيان ??وڪڻ جي لاءِ اسٽريٽجڪ واهن کي پڪو ڪيو وڃي، پاڻي تحفظ، پاڻي جو زيان گهٽ ڪرڻ ۽ پاڻي جي دستيابي وڌائڻ جي لاءِ پاڪستان ??ي آبپاشي جي شعبي کي جديد رخن تي قائم ڪرڻو پوندو. صدر واهن جي ڀرپاسي وارن بنجر علائقن ۾ ڊرپ آبپاشي کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته سرڪاري زمين جي پيداواري استعمال جي لاءِ عالمي مالياتي ادارن ۽ اسٽاڪ ايڪسچينج کان فنڊنگ حاصل ڪرڻ جي لاءِ اسٽيٽ لينڊ بئنڪ قائم ڪئي وڃي. صدر آصف علي زرداري انڊس ريور سسٽم اٿارٽي جي اصلاح ۽ ان کي به??ر بڻائڻ تي پڻ زور ڏنو. بريفنگ ۾ صدر کي ان ڳالهه کان ??گاهه ڪيو ويو ته پاڻي جي دستيابي ۽ وهڪري جي حوالي سان ??حيح ڊيٽا شيئرنگ جي لاءِ 27 ٽيلي ميٽري پوائنٽس قائم ڪيا ويندا.
صدر پاران گرين پاڪستان منصوبي جي لاءِ اسٽريٽجڪ واهن تي ڪم شروع ڪرڻ جي هدايت، سرڪاري زمين جي پيداواري استعمال جي لاءِ عالمي مالياتي ادارن ۽ اسٽاڪ ايڪسچينج کان فنڊنگ حاصل ڪرڻ جي لاءِ اسٽيٽ لينڊ بئنڪ قائم ڪرڻ جي تجويز
مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کی گائیڈ