اسلام آباد – 17 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان روس جي صدر ولاديمير پيوٽن سا?? ٽيليفون تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ٻن??ي اڳواڻن گذريل سا?? پنهنجي وچ ۾ ٿيڻ واري ڳالهه ٻولهه جو ذڪر ڪندي ٻطرفي تعاون ۽ گڏيل دلچسپي جي عالمي ۽ علائقائي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، وزيراعظم عمران خان روس جي صدر ولاديمير پيوٽن پاران ڏنل ان بيان جي آجيان ڪئي جنهن ۾ هن چيو ته حضور نبي ڪريم ﷺ جي شان ۾ گستاخي اظهار آزادي جي راءِ نه پر مذهبي آزادي جي خلاف ورزي آهي، وزيراعظم چيو ته هو جنرل اسيمبلي کان پنهنجي خطاب ۾ اسلامو فوبيا ۽ مسلمانن جي خلاف نفرت ڦهلائڻ واري معاملي کي تسلسل سا?? اجاگر ڪندو رهيو آهي ۽ ان جي سنگين اثرن جي حوالي سا?? دنيا کي آگاهه ڪندو رهيو آهي، وزيراعظم چيو ته روس سا?? گڏ پاڪستان جي ٻطرفا لاڳاپا بهتري طرف گامزن آهن، ٻن??ي ملڪن جي وچ ۾ واپار، اقتصادي لاڳاپا ۽ توانائي جي شعبي ۾ تعاون ۾ اضافو ٿيو آهي. هن پاڪستان اسٽريم گئس پائيپ لائين منصوبي جي جلد پڄاڻي لاءِ حڪومت جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ٻن??ي اڳواڻن مختلف شعبن ۾ ٻطرفي تعاون وڌائڻ، اعليٰ سطحي وفدن جي مٽاسٽا ۽ افغانستان بابت معاملن تي ويجها رابطا برقرار رکڻ تي اتفاق ڪيو، وزيراعظم چيو ته پرامن ۽ مستحڪم افغانستان علائقائي استحڪام لاءِ انتهائي اهميت جو حامل آهي. هن چيو ته افغانستان کي انساني ۽ اقتصادي چئلينج درپيش آهن، ۽ افغانستان جي عوام کي ان مشڪل مرحلي تي عالمي برادري جي تعاون جي ضرورت آهي. وزيراعظم عمران خان افغان عوام جي سخت ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ افغانستان جا مالي اثاثا بحال ڪرڻ جي اهميت تي زور ڏنو. وزيراعظم چيو ته هو روسي صدر جي پاڪستان دوري ۽ پاڻ به مناسب وقت تي روس جو دورو ڪرڻ جو منتظر آهي.
وزيراعظم جي روس جي صدر سان ٽيليفون تي خيالن جي ڏي وٺ
مضمون کا ماخذ : números da sorte loteria