اسلام آباد – 05 –جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪيپٽن ڪرنل شير خان شهيد (نشان حيدر) کي ان جي 24 هين شهادت جي ڏهاڙي تي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته قوم ڪيپٽن ڪرنل شير خان شهيد سميت پنهنجي سمورن شهيد?? کي سلام پيش ڪري ٿي. وزيراعظم آفيس پريس ونگ پاران جاري پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته ڪيپٽن ڪرنل شير خان شهيد پاڪستان جو اهو بهادر فرزند آهي جنهن جي جرئت، دلير?? ۽ ??جاعت جو اعتراف پاڻ دشمن ڪيو. 17 هزار فٽ جي بلندي تي ڪلتري واري جڳهه تي ملڪ جي دفاع جو حق مثالي فرض شناسي سان ادا ڪيو ۽ پنهنجي جان پاڪ زمين تي قربان ڪري ڇڏي. هن چيو ته ڪيپٽن ڪرنل شير خان پنهنجي نالي وانگر شير بڻجي دشم?? کي للڪاريو ۽ ملڪ جي سرحدن تان حملي آور دشمن?? کي ماري ڀڄايو. ڪيپٽن ڪرنل شير خان پنهنجي جانبازن سان گڏ دشمنن جي مقابلي ۾ انگ گهٽ هجڻ جي باوجود پاڪستان جي سرحدن جو دفاع ڪيو. وزيراعظم چيو ته قوم پنهنجي شهيدن جي سدائين ٿورائتي رهند?? ۽ ??ن جي درجن جي بلندي لاءِ دعا ڪندي رهندي. هن چيو ته 9 مئي تي ڪيپٽن ڪرنل شير خان سميت ٻين شهيدن جي يادگارن ۽ مجسمن جي بي حرمتي ڪري ندامت جي ڪاري تاريخ لکي وئي، نوجوان نسل خاص طور تي پنهنجي شهيدن جي عظيم قربانين، بهادر?? ۽ ??نهن جي وطن سان لازوال محبت کان مڪمل آگاهي حاصل ڪري. وزيراعظم چيو ته 9 مئي جي واقعن سان دنيا خاص طور تي دشمن?? کي اهو پيغام ويو ته اسان پنهنجي شهيدن جي عزت نه ٿا ڪريون، جنهن شهيد ملڪ جو دفاع ڪندي جان قربان ڪري ڇڏي ان جي حرمت ۽ ناموس جي حفاظت سڄي قوم ڪندي ۽ ڏوهاري?? کي سزا ڏيندي. هن چيو ته ڪيپٽن ڪرنل شير خان شهيد خيبرپختونخواهه سان تعلق رکندڙ پهريون نشان حيدر ماڻيندڙ آهي، الله تعاليٰ شهيد جا درجا بلند فرمائي ۽ گهرڀاتي?? کي صبر عطا فرمائي.
قوم ڪيپٽن ڪرنل شير خان شهيد سميت پنهنجي سمورن شهيدن کي سلام پيش ڪري ٿي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ کا انعام