اسلام آباد – 29 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران ??ان چيو آهي ته حڪومت روانگي واپار ڪندڙن کي هر ممڪن سهو??تو?? فراهم ڪري رهي آهي. روانگي واپار جو ماپو وڌائڻ جي لاءِ غ??ر روايتي مصنوعات تي ڌيان ڏنو وڃي ۽ پاڪستاني سفارتخانن ۾ مقرر آفيسرن لاءِ هدف متعين ڪيا وڃن. اهڙن خيالن جو اظهار هن روانگي واپار وڌائڻ جي حوالي سان جا??زي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. ان موقعي تي ناڻي وارو وفاقي وزير شوڪت فياض ترين، واپار وارو صلاحڪار عبدالرزاق دائود، قومي سلامتي وارو صلاحڪار ڊاڪٽر معيد يوسف ۽ سينئر آفيسر به موجود هئا. اجلاس ۾ ڪامرس ڊويزن تقابلي جا??زو پيش ڪندي آگاهه ڪيو ته سال 18 -2015ع کان سال 21 -2020ع جي دوران ويليو ا??ڊي?? روانگي واپار ۾ 3.8 ارب ڊالر جو اضافو ٿيو، انهي مدي دوران غير روايتي مصنوعات جي روانگي واپار ۾ 2.7 ارب ڊالر جو اضافو ٿيو، اهو اضافو موجوده حڪومت جي سيڙپڪار دوست پاليسي ۽ روانگي واپار ڪندڙن کي ڏنل مراعتن جي ڪري ممڪن ٿي سگهيو. اجلاس کي آگاه ڪيو ويو ته روايتي طور تي پاڪستان کان ٽيڪسٽائيل جي مصنوعات برآمد ڪئي پئي وئي تنهن هوندي به برآمدات جي ماپي کي وڌائڻ لاءِ غ??ر روايتي مصنوعات سميت معدنيات، فوڊ پراڊڪٽس، فروٽ انفارميشن ٽيڪنالاجي، سرامڪس وغيره برآمد ڪندڙن لاءِ قدم کنيا پيا وڃن، وزيراعظم عمران خاان چيو ته حڪومت برآمد ڪندڙن کي هر ممڪن سهولت فراهم ڪري رهي آهي، هن چيو ته برآمدات ۾ اضافي جي لاءِ مصنوعات ۾ جدت آڻي جاگرافيائي طور تي انهن ملڪن تي ڌيان ڏنو وڃي جتي پاڪستاني مصنوعات جي مارڪيٽ موجود آهي، هن چيو ته ٻاهرين ملڪ پاڪستاني سفارتخانن ۾ مقرر آفيسرن جي لاءِ برآمدات ۾ اضافي جي لاءِ هدف مقرر ڪيا وڃن ۽ انهي بنياد تي ان جي ڪارڪردگي جاچي ويندي.
حڪومت روانگي واپار ڪندڙن کي هر ممڪن سهولتون فراهم ڪري رهي آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : resultados loteria ریو ڈی جنیرو