ڪراچي – 23 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ??يو آهي ته وزيراعظم جو رحمت للعالمين اٿارٽي ٺ??هڻ جو ??يصلو تمام وڏو قدم آهي، قرآن مجيد ۽ اسوه حسنه تي عمل ڪري اسان دنيا جي طاقتور ترين قوم بڻجي سگهون ٿا، اسان کي پنهنجي قوم جي تربيت ڪرڻ گهرجي، ان ڏس ۾ سڀ ??ان اڳ عالم سڳورا عبادتن سان گڏوگڏ اخلاقيات جي تربيت ڏين، حڪومت سٺي ۽ معياري تعليم جي لاءِ ڪم ڪري رهي آهي. گورنر هائوس پاران جاري پڌرائي موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن گورنر هائوس ۾ منعقد سيرت النبي ﷺ ڪانفرنس کي وڊيو لنڪ ذريعي خطاب ڪندي ڪيو. هن وڌيڪ ??يو ته ميڊيا هڪ اهم ٿنڀ آهي ۽ قوم جي تربيت ۾ ان جو اهم ڪردار آهي، پاڪستان جي ميڊيا هڪ ذميوار ميڊيا آهي. سنڌ جي گورنر ??يو ته ڪانفرنس ۾ شريڪ عالم سڳورن جو ??ورائتو آهيان. هن ??يو ته وزيراعظم عمران خان پاڪستان کي مديني جي رياست بڻائڻ جو تصور رکي ٿو ۽ هو عالم سڳورن جي مدد جو ??نتظر آهي ته جيئن ملڪ کي فلاحي رياست بڻائي سگهجي ان سلسلي ۾ رياست پاڪستان جو حڪمران توهان طرف هٿ وڌائي رهيو آهي، عالم سڳورا عمران خان جو ساٿ ڏين. هن وڌيڪ ??يو ته اسان رحمت للعالمين اٿارٽي ٺاهي رهيا آهيون، اها اٿارٽي وزيراعظم کي مشورو ڏيندي ۽ سموري اسلامي دنيا جا عالم سڳورا ان ۾ شامل هوندا پر پاڪستان جا عالم سڳورا ان کي ليڊ ڪندا ڇو ته عالم سڳورن جي مدد ک??نسواءِ اهو ممڪن نه آهي، الله اسان کي موقعو ڏنو آهي ته مديني جي رياست ٺاهيون. سنڌ جي گورنر ??يو ته منهنجي الله وزيراعظم جي دل ۾ نبي ﷺ جي محبت رکي آهي جڏهن نبي ﷺ جو ذڪر اچي ٿو اسان جا ڪنڌ تعظيم ۾ جهڪي وڃن ٿا، وزيراعظم هر جڳهه تي اسان جي نبي ﷺ جي ڳالهه ڪري ٿو جيڪا ڳالهه دل سان چئي وڃي اها اثر ڪري ٿي، نبي ﷺ جي تعليم اختيار ڪرڻ سان ئي اسان سرخرو ٿينداسين. هن ??يو ته ٻارن کي اسان کي ٻڌائڻو پوندو ته پنهنجو رول ماڊل نبي ﷺ کي بڻائين. سيرت النبي ﷺ ڪانفرنس کي خطاب ڪندي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ??يو ته هر سال اسان عقيدت ۽ محبت، جوش ۽ جذبي سان عيد ميلادالنبي ﷺ ملهائيندا آهيون ڇو ته اسان پاڻ ﷺ جا امتي آهيون ۽ انهن جي غلامي ڪريون ٿا ۽ انهن جي آيل دين جي عزمتن کي دل ۽ جان سان مڃون ٿا. مذهبي معاملن واري وفاقي وزير نورالحق قادري ??يو ته رحمت للعالمين اٿارٽي قائم ڪرڻ جا ڏورس نتيجا نڪرندا. وزيراعظم عمران خان پاڪستان کي مديني جي رياست بڻائڻ چاهي ٿو ۽ اها اٿارٽي ان ويزن جي عڪاس ثابت ٿيندي، ان ڏس ۾ عالم سڳورن جو ڪردار انتهائي لازمي آهي ته جيئن پاڪستان کي فلاحي رياست بڻائي سگهجي.
وزيراعظم جو رحمت للعالمين اٿارٽي ٺاهڻ جو فيصلو تمام وڏو قدم آهي: صدر
مضمون کا ماخذ : ٹکٹ خریدنے کے حوالے سے الفاظ