اسلام آباد – 04 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري ??فا??ي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته سعودي عرب ۽ پاڪستان جي وچ م گڏيل عقيدي تي ٻڌل سياسي، معاشي ۽ اسٽريٽجڪ لاڳاپا قائم آهن، عالمي سطح تي انهن لاڳاپن کي اهم حيثيت حاصل آهي، سعودي عرب ۽ اسان جا لاڳاپا پاڪستان قائم ٿيڻ کان اڳ 1940ع کان قائم ٿيڻ شروع ٿيا ۽ 1947ع ۾ پاڪستان قائم ٿيڻ کانپوءِ انهن لاڳاپن ن??ين سگهه اختيار ڪرڻ شروع ڪيو، شاهه سلمان ريليف فنڊ جي ذريعي فلاحي ڪم ساراهه جوڳا آهن، انٽر ريليف پراجيڪٽ سان غريب طبقو فائدو کڻ??دو. اهڙن خيالن جو اظهار هن سعودي سفارتخاني ۾ ڪنگ سلمان هيومنٽرين ايڊ اينڊ ريليف سينٽر پاران ونٽر ريليف پراجيڪٽ جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. اطلاعات واري ??فا??ي وزير چيو ته سعودي عرب هر مشڪل گهڙيءَ ۾ پاڪستان جي مدد ڪئي، 2005ع جي زلزلي ۾ سعودي عرب 10 ملين ڊالر جو عطيو ڪيو، 09 – 2008ع ۾ ٻوڏ دوران سعودي عرب پاران 170 ملين ڊالر ۽ 2014ع ۾ اڪنامڪ ريليف جي لاءِ 1.5 ملين ڊالر جو ريليف پئڪج ڏنو ويو، 1960ع کان سعودي عرب پاڪستان جو سڀ کان وڏو ڊونر ملڪ آهي. سعودي عرب 38 ملين ڊالر ڊيزاسٽر ريليف جي لاءِ فراهم ڪيا، هائوسنگ منصوبي جي لاءِ 55 ملين ڊالر، اسڪولن جي لاءِ 5 ملين ڊالر، مسجدن جي لاءِ 13 ملين ڊالر جا عطيا ڏن??. هن ٻڌايو ته سعودي عرب پاران پاڪستان ۾ 11271 گهر تعمير ڪيا ويا، 9800 ماڻهو ان منصوبي مان فائدو کڻ?? رهيا آهن. هن چيو ته پاڪستان ۽ سعودي عرب جا لاڳاپا ڏهاڪا پراڻا آهن ۽ وقت سان گڏوگڏ اهي لاڳاپا ن??ين سگهه اختيار ڪري رهيا آهن. اطلاعات واري ??فا??ي وزير چيو ته پاڪستان ??و هر شهري سعودي عرب کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو. هن چيو ته ڪنگ سلمان هيومنٽرين ايڊ اينڊ ريليف سينٽر پاران شروع ڪيل ونٽر ريليف پراجيڪٽ سان بلوچستان ۽ خيبرپختونخواهه جي پٺتي پيل علائقن جا مستحقين فائدو کڻ??دا. واضح رهي ته ڪنگ سلمان هيومنٽرين ايڊ اينڊ ريليف سينٽر پاران ونٽر ريليف پراجيڪٽ شروع ڪئي وئي آهي جنهن تحت 29 هزار ڪٽس پٺتي پيل علائقن جي عوام ۾ ورهايون وينديون. ان پراجيڪٽ سان 2 لک 90 هزار غريب ماڻهو فائدو کڻ??دا.
سعودي عرب ۽ پاڪستان جي وچ م گڏيل عقيدي تي ٻڌل سياسي، معاشي ۽ اسٽريٽجڪ لاڳاپا قائم آهن: چوڌري فواد حسين
مضمون کا ماخذ : como ganhar na quina